اسلام آباد – 29 – جنوري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ زور ڏنو آهي ته پاڪستان ۽ ا??را?? کي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري سميت ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عال??ي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ سان ا??را?? جي پرڏيهي وزير حسين امير عبداللهيان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي پاڪستان ۽ ا??را?? جي وچ ۾ ويجهن لاڳاپن تي زو?? ڏيندي نگران وزيراعظم ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ جي پاڪستان جي عزم جو ورجاءُ ڪيو. نگران وزيراعظم ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز خاص طور تي هڪ ٻئي جي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عال??ي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو. نگران وزيراعظم ا??را?? جي صدر ابراهيم رئيسي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو پيغام ڏيندي کيس جلد پاڪستان جي دوري جي دعوت ڏني.
پاڪستان ۽ ايران کي علائقائي سالميت ۽ خودمختياري سميت ٻنهي ملڪن کي درپيش چئلينجز کي گڏيل حصيداري ۽ تعاون جي ذريعي عالمي قانونن ۽ گڏيل قومن جي چارٽر تحت منهن ڏيڻو پوندو: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : میگا سینا اکمولاڈا