اسلام آباد – 05 – ڊسمبر (اي ??ي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي ننڍي کنڊ جي ناليواري گلوڪار استاد ح??ين بخش خال گُلو جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪيو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ استاد ح??ين بخش گُلو جي لاڏاڻي تي سندس گهرڀاتين سان تعزيت جو اظهار ڪندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران وفاقي وزير چيو ته استاد ح??ين بخش گُلو جي لاڏاڻي جي خبر ٻ??ي دلي افسوس ٿيو. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ پنهنجي فن جو مظاهرو ڪندڙ استاد ح??ين بخش گُلو هر جڳهه تي پنهنجي گائيڪي جا نقش ڇڏيا. استاد ح??ين بخش گُلو ريڊيو پاڪستان ۽ پاڪستان ٽيليويزن تي پڻ پنهنجي آواز جو جادو جاڳائيندو رهيو، سندس لاڏاڻي سان اڄ ڪلاسيڪ موسيقي جو ه?? روشن باب بند ٿي ويو. مرتضيٰ سولنگي دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ جڳهه ڏي ۽ پونئيرن کي صبر جميل عطا فرمائي.
مرتضيٰ سولنگي پاران ننڍي کنڊ جي ناليواري گلوڪار استاد حسين بخش خال گُلو جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
مضمون کا ماخذ : موبائل سے لاٹری کھیلیں