اسلام آباد – 07 – نومبر (اي پي پي) پاڪستان ۽ جمهوريه ڪو??يا اڄ سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 40 هين سالگرهه ملهائي رهيا آهن. ان موقعي تي نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪو??يا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن سفارتي ذريعن تان مبارڪباد جي پيغامن جي مٽاسٽا ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب پاڪستان ۽ جمهوريه ڪو??يا جي وچ ۾ لاڳاپا خصوصيت س??ن گرمجوشي سان نمايان آهن جيڪي مختلف شعبن ۾ گڏيل فائديمند تعاون کي نمايان ڪن ٿا. نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني ۽ جمهوريه ڪو??يا جي پرڏيهي وزير پارڪ جن پاڪستان ۽ ڪو??يا جي لاڳاپن جي ڀرپور تاريخ، سماجي ۽ ثقافتي لاڳاپن، ترقي ۽ اقتصادي تعاون ۽ ٻاهرئين ملڪ رهندڙن جي تعاون جو جائزو ورتو جيڪي ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ دوستي جي پل جو ڪم ??ن ٿا. پرڏيهي وزيرن مستقبل ۾ تعاون جي مضبوط امڪانن تي زور ڏيندي سياسي، اقتصادي، ثقافتي ۽ عوام سان عوام جي رابطن سميت سمورن شعبن ۾ تعاون کي تيز ڪرڻ جو ورجاءُ ڪيو.
پاڪستان ۽ جمهوريه ڪوريا سفارتي لاڳاپا قائم ٿيڻ جي 40 هين سالگرهه ملهائي
مضمون کا ماخذ : پاور بال جیتنے کے طریقے