??سل??م آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي)تعليم ۽ پيشوراڻي تربيت واري نگران وفاقي وزير مدد علي سنڌي چيو آهي ته پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيشنل اسڪلز يون??ور??ٽي ??سل??م آباد ۾ وزيراعظم ليپ ٽاپ اسڪيم تحت اهل شاگردن ۾ ليپ ٽاپ ورهائڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته عالمي چئلينجن کي مُنهن ڏيڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته سمورن صوبن ۾ وڌيڪ اسڪلز ڊولپمينٽ جا ادارا بنايا وڃن جتي شارٽ ڪورسز تحت نوجوانن کي پاڻڀرو بڻائي سگهجي. وفاقي وزير چيو ته پاڪستان جي مستقبل جو دارومدار هنرمندي جي اعليٰ تعليم ۽ تربيت سان ڳنڍيل آهي، ڇاڪاڻ ته هي اها تعليم آهي جنهن سان نوجوان نسل پنهنجي لاءِ روزگار جا موقعا ڳولي ملڪ جي ترقيءَ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو. ان موقعي تي نيشنل اسڪلز يون??ور??ٽي ??سل??م آباد جي وائيس چانسلر پروفيسر ڊاڪٽر محمد مختار نگران وفاقي وزير جي آجيان ڪئي ۽ يون??ور??ٽي جي شروع کان هاڻي تائين جي ارتقائي سفر ۽ يون??ور??ٽيءَ جي ڪاميابين تي روشني وڌي.
پاڪستان جي ترقيءَ جو راز هنرمندي جي تعليم ۽ تربيت ۾ ئي آهي: مدد علي سنڌي
مضمون کا ماخذ : آن لائن لاٹری