اسلام آباد – 21 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات ??ار?? نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي چيو آهي ته اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن جي تاريخ جو اعلان خوش آئنده آهي، ??فو??هون پکيڙيندڙن جي لاءِ اڄ مايوسي جو ڏينهن آهي، اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين تحت چونڊو?? منعقد ٿي رهيون آهن. نجڪاري ??ار?? وفاقي وزير فواد حسن فواد سان گڏ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي هن چيو ته پاڪستان جي آئين تحت هن ملڪ کي ان جا چونڊيل نمائندا هلائيندا. هن چيو ته چونڊن جي حوالي سان اليڪشن ڪميشن 30 نومبر تائين سمورو ڪم مڪمل ڪري وٺندي جڏهن ته اليڪشن ايڪٽ 2017ع تحت سمورين سياسي پارٽين کي چونڊ مهم جي لاءِ 54 ڏينهن ڏنا ويندا. هن چيو ته اليڪشن ڪميشن موجب جنوري جي آخري هفتي ۾ چونڊون ٿينديون، جيڪا هڪ وڏي خبر آهي. هن چيو ته اسان کي خوشي آهي ته ملڪ ۾ آئين تحت چونڊون ٿينديون. چونڊو?? منعقد ٿيڻ سان ملڪ ۾ معاشي ترقي ۽ سياسي استحڪام ۾ اضافو ٿيندو.
اليڪشن ڪميشن پاران چونڊن جي تاريخ جو اعلان خوش آئنده آهي، افواهون پکيڙيندڙن جي لاءِ اڄ مايوسي جو ڏينهن آهي: مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : شمال کے ڈریگن