لاهور – 10 – آگسٽ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??يو آهي ته اسلام جو بنيادي مقصد معاشري جي تعمير آهي، خيرات ڪرڻ مسلمانن ??و شيوو آهي، خير جي ڪم ۾ حصو وٺندڙ ملڪ جا هيروز آهن، اسلام انسانن جي اسپرٽ کي جاڳائڻ لاءِ آيو، حڪومتون بدلجنديون رهن ٿيون، ملڪ جو نظام هلندو رهي ٿو. اهڙن خيالن جو اظهار هن مقامي هوٽل ۾ سرور شاهده ميموريل ڪاريڊيڪ سينٽر ۽ ري??رچ انسٽيٽيوٽ جي پيڙهه جو پٿر رکڻ واري تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو. ان موقعي تي سرور شاهده ميموريل ڪاريڊيڪ سينٽر جو ڊاڪٽر شعيب سرور هاشمي، جنرل سيڪريٽري را??ا عامر محمود، نائب صدر ڊاڪٽر فضل الرحمان ۽ پنجاب جو اڳوڻو گورنر چوڌري سرور پڻ موجود هئا. صدر ??يو ته حڪومت هڪ انسٽيٽيوشن آهي جنهن جي تعاون سان ادارا هلندا رهن ٿا، پاڪستان قائم ٿيڻ کانپوءِ خير جي ڪم جو جذبو مسلمانن ۾ اڀري سامهون آيو، سرندي وارا محروم طبقي کي خيرا جي ذريعي مدد ڪري اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا، خير جي ڪم ۾ حصو وٺندڙ ملڪ جا هيروز آهن، مسلمانن جي فطرت ۾ خير جو ڪم هجڻ گهرجي. هن ??يو ته اسلام ري??ست ٺاهڻ جي لاءِ نه پر ڪميونٽي جي لاءِ آيو آهي جنهن جو بنيادي مقصد معاشري جي تعمير ۽ ترقي آهي، الله جي آخري نبي ﷺ پنهنجي سڄي زندگي ري??ست ٺاهڻ جي لاءِ نه پر عوام جي خدمت ۾ گذاري، خلفاءِ راشدين جي زندگي به خدمت خلق سان ڀريل آهي. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته قرآن مجيد جي پهرين سورت ۾ ئي ري??ست جي ذميوارين جو تعين ٿي وڃي ٿو، پاڪستان جو جيڪو بنيادي مقصد آهي اهو قرآن جي اندر موجود آهي، پاڪستان جي روح جو بنياد عوام جي خدمت ڪرڻ ۾ لڪل آهي. هن ??يو ته خدمت جو ڪم آسان نه آهي ان لاءِ جذبي جي ضرورت آهي، انسان پنهنجي گناهن جي تلافي جي لاءِ الله کان معافي جو طلبگار هوندو آهي پر اسان انسانن کي معاف ڪرڻ جي لاءِ تيار نه آهي، پنهنجي ڪردار کي بهتر ڪري اسان الله جي ويجهڙائپ حاصل ڪري سگهون ٿا. صدر ??يو ته اسان کي پنهنجي ٻارن ۾ خيرات ڪرڻ، سچ ڳالهائڻ، وڏن کي عزت ڏيڻ ۽ هڪ ٻئي سان همدرديءَ ۽ تعاون جو جذبو پيدا ڪرڻ گهرجي. هن ??يو ته جيتوڻيڪ بنيادي مسئلا حل ڪرڻ ري??ستن جي ذميواري آهي جڏهن ته اسلامي نظام حيات ۾ سرندي وارا ماڻهو خدمت ۽ مدد جي ذميواري سان آجا نه ٿا ٿي سگهن، اسلام جو فلسفو معيشت ري??ستي وسيلن جي اهڙي طرح منصفاڻي ورڇ يقيني بڻائڻ آهي جو ڪو ماڻهو ۽ معاشرو بکيو نه سمهي ۽ غربت جي چڪيءَ ۾ نه پيڙهجندو رهي. صدر ??يو ته جڏهن دولت ڪجهه هٿن تائين محدود ٿي وڃي ٿي ته پوءِ انساني معاشري جو توازن بگڙي وڃي ٿو ۽ نظام حيات تباهه ٿي وڃي ٿو، انهي لاءِ اسلام ارتڪاز دولت، مال ۽ دولت سان محبت، حق تلفي، هر قسم جي مالي بدعنواني، ذخيره اندوزي ۽ ناجائز منافعي خوري کي حرام قرار ڏنو آهي ۽ ان سان گڏوگڏ سوسائٽي جي سرندي وارن ماڻهن تي لازمي قرار ڏنو آهي ته اهي پنهنجي مال مان ضرورتمندن جي مدد ڪن ۽ انهن کي پيرن تي بيهارڻ ۾ مدد ڪن. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته اسلام جو معاشي نظام برابري، ٻڌي، انفاق في سبيل الله، خيرات، صدقي، قرض حسنه، جائز منافعي، حلال رزق جي بنياد تي قائم آهي، اسلام معاشري جي سمورن طبقن ۾ مال، دولت ۽ وسيلا هڪ جهڙا ورڇ ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي. هن ??يو ته اسلام جو اصول اهو آهي ته معاشي تنگي ۾ مبتلا هڪ ماڻهو به ڪفالت کان محروم نه رهي، الله ۽ ان جي رسول ڪريم ﷺ جي حڪمن موجب غريب جي ڪفالت ري??ست جي ذميواري آهي جڏهن ته سرندي وارن تي به اها ذميواري لاڳو ٿئي ٿي. ڊاڪٽر عارف علوي ??يو ته اسلام ۾ انساني خيرخواهي کي سڀ کان وڌيڪ اهميت حاصل آهي، ان لاءِ مسلمانن تي مستحقين ۾ خيرات ۽ صدقا ورهائڻ انهن تي فرض ڪيو ويو آهي، هر مذهب ۾ انساني خيرخواهي ئي جو پيغام ملي ٿو، حضور ﷺجي سڄي محنت انسانن جي لاءِ هئي، اسان جي ملڪ جي لاءِ اهو لازمي آهي ته جيڪڏهن اسان کي پنهنجي ملڪ کي ترقي جي راهه تي گامزن ڪرڻو آهي ته ان جي سنت تي عمل پيرا ٿيڻو پوندو. سرور شاهده ميموريل ڪارڊيڪ سينٽر جي صدر ڊاڪٽر شعيب سرور هاشمي تقريب کي خطاب ڪندي ??يو ته آئون ٻاهر جي پرآسائش زندگي ڇڏي رڳو انسانيت جي خدمت لاءِ پاڪستان آيو آهيان، گوجرانوالا ۾ ٺهندڙ ان ڪارڊيڪ سينٽر ۾ دل جي مرض جي عالمي سطح جي جديد طبي سهولتون ميسر هوننيون، 200 بسترن تي ڪارڊيڪ سينٽر ۾ امير ۽ غريب کي برابر جي سهولت فراهم ڪئي ويندي.
اسلام جو بنيادي مقصد معاشري جي تعمير آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : گنہر نا لوٹیریا