اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ڪشمير ۽ گلگت بلتستان معاملن واري صلاحڪار قمر زمان ڪا??ره ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ قمر زمان ڪا??ره وزيراعظم کي ڪشمير ۽ گلگت بلتستان واري وزارت سان لاڳاپيل معاملن تي تفص??لي بريفنگ ڏني. ملاقات ۾ ملڪ جي موجوده سياسي صورتحال تي تفص??لي ڳالهه ٻولهه ڪئي وئي. ملاقات ۾ قمر زمان ڪا??ره وزيراعظم کي 5 آگسٽ تي ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي ٿيندڙ سرگرمين، سيمينارز ۽ آگاهي مهم خاص طور تي سڄي دن??ا ۾ پاڪستان جي سفارتخانن ۾ ان حوالي سان آگاهي پيدا ڪرڻ جي لاءِ تقريبن بابت آگاهه ڪيو.
مضمون کا ماخذ : raspadinha آن لائن