اسلام آباد – 13 – جولاءِ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ته نصاب ڪنهن به تعليمي انفراسٽرڪچر ۾ ڪرنگهي جي هڏي جي حيثيت رکي ٿو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ هن چيو ته پاڪستان ج?? آئين ۽ ڪمپيوٽر ڪوڊنگ کي پنهنجي قومي نصاب ۾ شامل ڪري، اسان پنهنجي ايندڙ نسل جي لاءِ پنهنجي حقن ۽ ذميوارين کي چڱي طرح سان ڄاڻڻ جو بنياد رکيو آهي. هن چيو ته اسان جو تصور اهو آهي ته جڏهن اسان جا ٻار هن ملڪ جون واڳون سنڀاليندا ته ا???? آئين سان گڏوگڏ انفارميشن ٽي??نا??اجي جي علم کان به چڱي ريت و??قف هوندا. وزيراعظم شهباز شريف چيو ته سلمان صوفي جي سربراهي ۾ اسٽريٽجڪ ريفارمز يونٽ تعليم واري وزارت سان گڏجي انهن سڌارن جي قيادت ڪئي آهي ته جيئن ان ڳالهه کي يقيني بڻائي سگهجي ته اسان پنهنجي حڪومت جي مدي جي مختصر عرصي ۾ بامعنيٰ ??عليمي سڌارن تي عملدرآمد کي يقيني بڻائي سگهون.
مضمون کا ماخذ : estatisticas lotomania