اسلام آباد- 10 مئي (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان پار??يا??نيٽ هائوس ۾ اسٽيٽ ڪائونسل آف عمان جي ڊپٽي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الحنائي ملاقات ڪئي. قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ موجب عمان جو پار??يا??اني وفد آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن جي سلسلي ۾ قومي اسيمبلي سيڪريٽريٽ جي اهتمام هيٺ عالمي آئيني ڪنوينشن ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي سرڪاري دوري تي آهي. قومي اسيمبلي جي اسپيڪر چيو ته عمان ۾ رهندڙ پاڪستاني ملڪ جي سماجي ۽ اقتصادي ترقي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. هن وڏي تعداد ۾ پاڪستاني ڪارڪنن جي شاندا?? ميزباني تي عمان جي عوام ۽ حڪومت کي ساراهيو. اسپيڪر آئين جي گولڊن جوبلي تقريبن ۾ عمان جي شرڪت کي ساراهيو. ان موقعي تي دوستاڻي لاڳاپن جي نوعيت تي خيالن جي ڏي وٺ ڪندي اسپيڪر چيو ته پاڪستان عمان سان پنهنجي ڀائراڻن لاڳاپن کي تمام گهڻي اهميت ڏي ٿو. هن خطي ۾ امن ۽ استحڪام کي مضبوط بنائڻ ۾ عمان جي ڪردار کي به ساراهيو. ڊاڪٽر الخطاب اسپيڪر جي خير سگالي تي ٻڌل لفظن کي ساراهيندي چيو ته عمان پاڪستان کي پنهنجو ڀاءُ سمجهي ٿو، هن پار??يا??اني فرينڊ شپ گروپ جي ذريعي پار??يا??اني رابطن کي وڌائڻ جي ض??ور?? تي پڻ زور ڀريو ته جيئن مختلف شعبن خاص طور تي موسمياتي تبديلين ۾ تعاون جون راهون ڳولي سگهجن، ملاقات ۾ ايم اين اي ناز بلوچ به موجود هئي.
اسٽيٽ ڪائونسل آف عمان جي ڊپٽي چيئرمين شيخ ڊاڪٽر الخطاب بن غالب بن علي الحنائي جي قومي اسيمبلي جي اسپيڪر راجا پرويز اشرف سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : estratégias loteria وفاقی