اسلام آباد – 06 – فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف جي هدايت تي امدادي سامان ک??ي خصوصي جهاز اڄ رات 10 وڳي ترڪيه روانو ٿيندو. وزيراعظم آفيس جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب سي 130 جهاز چڪلالا ايئربيس تان آرمي سرچ اينڊ ريسڪيو ٽيم کڻي سڌ?? ترڪيه جي زلزلي کان متاثر علائقن ۾ پهچندو. 7 فيبروري جي صبح پي آءِ اي جي اڏام تان 50 ماڻهو ۽ 15 ٽن سامان ترڪيه روانو ٿيندو. ٽيم ۾ ريسڪيو 1122 جا اهلڪار به شامل آهن. 7 فيبروري تي لاهور کان سي 130 جهاز 7 ٽن امدادي سامان ک??ي استنبول روانو ٿيندو. امدادي سامان ۾ سرديءَ ۾ استعمال ٿيندڙ خيما، ڪمبل ?? ٻيون ضرورت جون شيون شامل آهن. 8 فيبروري تي پي آءِ اي جي اڏامن جي ذريعي اسلام آباد ۽ لاهور مان 15 ٽن امدادي سامان ترڪيه ۽ شام موڪليو ويندو. صحت واري وزارت ۽ آرمي ميڊيڪل ٽيمون ترڪيه ۽ شام موڪليون وينديون.
مضمون کا ماخذ : تعداد بہت زیادہ ہے۔