اسلام آباد – 05 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو ۽ غربت، بيرو??گا??ي، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب 24 هين ايف سي ايس ڪانووڪيشن جي تقريب نيشنل ڊفينس يونيورسٽي (اين ڊي يو) اسلام آباد ۾ ٿي. ان موقعي تي صدر ڊاڪٽر عارف علوي خاص مهمان هو. تقريب ۾ 4 پي ايڇ ڊي، 48 ايم فل ۽ 208 بي ايس گريجو??يٽ?? کي ڊگريون ڏنيون ويون. پهرين ۽ ٻي پوزيشن حاصل ڪندڙن کي ميڊلز ۽ امتيازي سندون پڻ ڏنيون ويون. ان موقعي تي خطاب ڪندي صدر ڊاڪٽر عارف علوي فارغ ٿيندڙ شاگردن کي انهن ج?? تعليمي ڪيريئر ۾ هڪ اهم سنگ ميل کي مڪمل ڪرڻ تي مبارڪباد ڏني. هن چيو ته تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بنائي سگهي ٿو ۽ غربت، بيرو??گا??ي، عدم برداشت ۽ انتهاپسندي جو خاتمو ڪري سگهي ٿو. آخر ۾ هن سمورن فارغ ٿيندڙ شاگردن، انهن جي والدين ۽ گهرڀاتين کي پنهنج?? تعليم کي ڪاميابي سان مڪمل ڪرڻ تي دلي مبارڪباد ڏني. اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود تقريب کي خطاب ڪندي ان ڳالهه تي زور ڏنو ته ڪنهن به قوم جو ڪردار ان ج?? تعليمي ادارن ۾ جڙي ٿو. هن چيو ته تعليمي ۽ تحقيق ۾ اعليٰ معيار حاصل ڪرڻ جي لاءِ اين ڊي يو پنهنجي شاگردن کي علم حاصل ڪرڻ جي لاءِ سا??گا?? ماحول ۽ لاڳاپيل سهولتون فراهم ڪري رهي آهي. هن چيو ته اين ڊي يو گريجو??يٽ?? کي پيشيواراڻي ڪيريئر ۾ ڪردار ۽ عزم جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ تيار ڪ??ڻ جي لاءِ ڀرپور ڪوشش ڪري رهي آهي جنهن جا شاندار نتيجا آيا آهن. ان کان اڳ اين ڊي يو جي صدر ليفٽيننٽ جنرل نعمان محمود تقريب ۾ خاص مهمان، معززين، استادن، والدين ۽ شاگردن جو استقبال ڪيو.
تعليم جي ذريعي ئي پاڪستان قومي ترقي کي يقيني بڻائي سگهي ٿو: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : loteria estadual