اسلام آباد – 03 – جنوري (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪالهه اڱاري ڏينهن ملائ??شي?? جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو ڪيو ۽ کيس وزارت عظميٰ جو عهدو سنڀالڻ تي مبارڪباد ڏني. وزيراعظم آفيس ج?? ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم ملائ??شي?? جي نئين وزيراعظم ۽ عوام جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو. ٻنهي وزيراعظمن پاڪستان ۽ ملائ??شي?? جي وچ ۾ ڀائراڻن ويجهي لاڳاپن کي وڌيڪ ??ضب??ط ڪرڻ تي اتفاق ڪيو. ٻنهي اڳواڻن واپار ۽ سيڙپڪاري سميت گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفو تعاون وڌائڻ جي لاءِ اعليٰ سطح جي وفدن جي مٽاسٽا جي اهميت تي پڻ اتفاق ڪيو. وزيراعظم محمد شهباز شريف ملائ??شي?? سان اقتصادي، واپاري رابطن ۽ سياسي ڳالهه ٻولهه جي لاءِ ملائ??شي?? سان گهڻ رُخي بنيادن تي لاڳاپن کي وڌيڪ سگهه ڏيڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ملائ??شي?? جي وچ ۾ تاريخي ٻطرفن لاڳاپن ۽ ??ضب??ط معاشي ۽ واپاري تعاون کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو عزم ڪيو. ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۾ ماحولياتي تبديلين جي بدترين اثرن، ٻوڏ جي صورتحال ۽ 8 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ پاڪستان ۾ ٻوڏ متاثرين جي بحالي جي حوالي سان منعقد ٿيندڙ عا??مي ڪانفرنس تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي جتي عا??مي برادري پاڪستان جي ريڪوري ۽ بحالي جي ڪوششن ۾ تعاون جي لاءِ گڏ ٿيندي.
وزيراعظم جو ملائيشيا جي هم منصب انور ابراهيم سان ٽيليفونڪ رابطو، عهدو سنڀالڻ تي مبارڪُون
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا علاقائی