اسلام آباد – 15 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري پائيدار ترقي هدف حاصل ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته ان سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي ??ثرن سان ٿيندڙ نقصانن کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، مستقبل جي ??ثرن کان بچڻ جي لاءِ پڻ قدم لازمي آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن نيويارڪ ۾ جي 77 وزارتي ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن جي ??ڪثريت کي پنهنجي ??قتصادي ترقي جي لاءِ اڄ وڏن چئلينجز سان گڏوگڏ سماجي ۽ سياسي بحران جو خطرو درپيش آهي، گذريل ٽن سالن دوران ڪورونا وبا، سپلائي چين ۾ رڪاوٽ، وڌندڙ قيمتن، ڪرنسين جي قدر ۾ گهٽتائي، موسمياتي تبديلي ۽ جاگرافيائي سياسي ڇڪتاڻ خاص طور تي يوڪرين جي ??نگ ۽ ان سان گڏ پابندين جي ??حرانن اسان جي معيشتن ۽ معاشرن کي تباهه ڪيو آهي. هن چيو ته ايندڙ سال عالمي اقتصادي واڌويجهه جي ??رح 3 سيڪڙو کان گهٽ رهڻ جي ??ڳڪٿي ڪئي وئي آهي. پرڏيهي وزير چيو ته گذريل عرصي ۾ خوراڪ، ٻارڻ ۽ ٻين جنسن جون قيمتون بلند ۽ غيرمستحڪم رهيون، اسرندڙ ملڪن جي ڪرنسين جي قدر ۾ گهٽتائي آئي آهي جيڪا ان جي قرض جو بار ۽ مارڪيٽن ۾ وڌيڪ قرض وٺڻ جو سبب بڻجندي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته موسمياتي تبديلي ترقياتي چئلينج جي نوعيت کي تبديل ڪري ڇڏيو آهي، ترقي ۽ موسمياتي تبديلي جي چئلينجن تي ضابطو آڻڻ جي لاءِ اسان جي ??ڪومتن پاران ڀ??پو?? ڪوششن ۽ وسيع عالمي يڪجهتي ۽ تعاون جي ??رورت آهي. پائيدار ترقياتي هدفن جي لاءِ فنانسنگ گيپ 2019ع ۾ 2.5 ٽريلين کان وڌي اڄ 4 ٽريلين ڊالر کان وڌي ويو آهي، جيڪڏهن موسمياتي مقصدن جي لاڳت کي شامل ڪيو وڃي ته اسان کي پائيدار ترقي هدف ۽ موسمياتي تبديلي جي مقصدن کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ ڪيترن ئي اضافي کربين ڊالرن جي ??رورت پوندي. هن چيو ته 250 ملين ماڻهو بک کي منهن ڏين ٿا، اسان جا 82 ميمبر قرضن جي ??د ۾ آهن، 54 قرض جي پريشاني ۾ آهن، مالي ڪفايت شعاري انهن جي ??رقي کي روڪي ڇڏيندي ۽ بک ۽ غربت کي وڌائيندي، اسان کي غربت جي ڄار مان نڪرڻ جي لاءِ هڪ رستو گهرجي. هن چيو ته هن ڪانفرنس جو مقصد اهڙا قدم شروع ڪرڻ آهي جيڪي اسرندڙ ملڪن کي درپيش فوري چئلينجن جو جواب ڏين ?? پائيدار ترقياتي هدفن ۽ گهربل عالمي مالياتي ۽ اقتصادي نظام ۾ سڌارن کي محفوظ بڻائڻ جي لاءِ حڪمت عملي جو خاڪو پيش ڪن، اسان کي ايمرجنسي ٽاسڪ فورس قائم ڪرڻ جي لاءِ گڏيل قومن جي ??نرل سيڪريٽري جا ٿورا مڃڻ گهرجن. هن چيو ته گڏيل قومن جي لاڳاپيل ادارن کي اسرندڙ ملڪن جي لاءِ جنسن ۽ ٻارڻ جي قيمتن کي محدود ڪرڻ، خوراڪ، ٻارڻ ۽ ڀاڻ تائين انهن جي پهچ کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ طريقيڪار جوڙڻ جي ??رورت آهي، اسرندڙ ملڪ جيڪي موسمياتي تبديلين جي ??ديد اثرن ۾ ورتل آهن، انهن اثرن مان نڪرڻ جي لاءِ فوري طور تي انهن جي فراخدلي سان مدد ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ڪوپ 27 تي اتفاق ڪيل لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فعال ڪرڻ تي ڪم شروع ڪري رهيا آهيون، ان ڏس ۾ منهنجي ??ڪومت گڏيل قومن جي ??يڪريٽري جنرل جي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ ڪلائيميٽ ريزيلين?? پاڪستان جي لاءِ عالمي ڪانفرنس جي گڏيل ميزباني تي ٿورائتي آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته جڏهن اسان تازن سالن جي ??حرانن مان نڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون، تڏهن به گروپ 77 ۽ چين کي پائيدار عالمي واڌويجهه جي ??رح کي بحال ڪرڻ، عالمي اقتصادي لاڳاپن ۾ ايڪويٽي شامل ڪرڻ ۽ پنهنجي ??قتصادي لاڳاپن کي بحال ڪرڻ جي لاءِ گهربل نظامي ۽ ساختي تبديلين کي فروغ ڏيڻ ۾ اڳ کان اڳرو رهڻ گهرجي. هن چيو ته اسان کي عالمي مالياتي ڍانچي جي ??صلاح جي لاءِ سيڪريٽري جنرل جي مطالبي جو ساٿ ڏيڻ گهرجي، ان ۾ ڪيترائي جرئتمنداڻا قدم شامل هوندا جن ۾ هڪ، خودمختيار قرضن جي پائيدار انتظام جي لاءِ هڪ گهڻ رخي طريقيڪار سميت گڏيل قرض مان ڇوٽڪاري جي لاءِ هڪ بهتر گڏيل فريم ورڪ ۽ هڪ نئين خودمختيار قرض اٿارٽي شامل آهي. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چيو ته اسرندڙ ملڪن جي لاءِ قرض وٺڻ جي لاڳت کي گهٽ ڪرڻ جي لاءِ مڪينزم ٺاهڻ گهرجي، اسرندڙ ملڪن کي به پنهنجي ??يڙپڪاري منڊين جي ??عمير ۽ ٽيڪس ڪوريج ۽ اوڳاڙين کي وڌائي نمايان طور تي وڏي اندروني وسيلن کي متحرڪ ڪرڻ جي لاءِ وڌ کان وڌ ڪوششون ڪرڻ گهرجن، ان مقصد جي لاءِ ڊيجيٽل ڏيتي ليت سميت گهڻ رخي ڪا??پو??يشنز جي ??ريعي ٽيڪس چوري ۽ منافعي جي منتقلي کي روڪڻ جي لاءِ هڪ منصفاڻي عالمي ٽيڪس نظام کي اختيار ڪرڻ ضروري آهي. هن چيو ته اسان ترقي يافته ملڪن کان مطالبو ڪريون ٿا ته اهي موسمياتي فنانس ۾ ساليانو 100 ارب ڊالر فراهم ڪرڻ جي پنهنجي واعد کي پورو ڪن ۽ لاس اينڊ ڊيميج فنڊ کي فوري طور تي فعال ڪن، ترقي يافته ملڪن کان ڪاربن اخراج ۾ گهٽتائي جو مطالبو ڪريون ٿا. هن چيو ته هڪ پائيدار عالمي معيشت طرف منتقلي جي لاءِ پائيدار بنيادي ڍانچي جي ??يزي سان تنصيب جي ??رورت پوندي، اسان کي چين جي ??يلٽ اينڊ روڊ انيشي ايٽو ۽ جي ??يون جي ??المي انفراسٽرڪچر انيشي ايٽو جهڙن قدمن جي ??جيان ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته گڏيل قومن جي ??فيسن کي اسرندڙ ملڪن کي اهڙي عالمي معيار جي پائيدار بنيادي ڍانچي جي منصوبن جي ??ياري ۾ مدد جي لاءِ متحرڪ ڪرڻ گهرجي، گڏيل قومن جي ??هتمام هيٺ ملٽي اسٽيڪ هولڊر پاليسي بورڊ پائيدار انفراسٽرڪچر سيڙڪاري کي فروغ کي ڏيڻ جي لاءِ ڪارائتو هوندو. هن چيو ته اسرندڙ ملڪن ۾ روانگي واپار جي قيادت جي نمو کي بحال ڪرڻ جي لاءِ عالمي واپاري نظام جي نئين سر جوڙجڪ ڪرڻ گهرجي، اهو سمورن ڪامياب اسرندڙ ملڪن ۾ ترقي جو بنيادي رستو رهيو آهي. بلاول ڀٽو زرداري چيو ته هڪ عالمي ٽيڪنالاجي معاهدو جيڪو پائيدار ترقياتي هدفن سان ڳنڍيل آهي کي ٺوس ڳالهين جي ??ريعي اختيار ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته هڪ منصفاڻي عالمي انفارميشن ٽيڪنالاجي نظام کي اختيار ڪرڻ تمام ضروري آهي. هن چيو ته اسان جا ملڪ پائيدار ترقياتي هدف يا موسمياتي هدفن کي ان وقت تائين حاصل نه ٿا ڪري سگهن جيستائين اسان اهڙي طرح جي ??يجنڊا تي ٺوس اڳڀرائي نه ڪريون، اهڙي طرح جي هنگامي ۽ نظامي قدمن کانسواءِ ترقي جي ورڇ هڪ ناقابل عبور چئلينج ۾ وڌندي جيڪا اسان جي ??نيا کي ڊيڄاريندڙ خواب ۾ تبديل ڪري ڇڏيندي، هڪ اهڙي دنيا جيڪا وڏي پئماني تي انساني مصيبتن، سماجي ۽ سياسي عدم استحڪام ۽ پکڙجندڙ تڪرارن ۾ ورتل آهي، ڌرتيءَ ۽ اسان جي نسلن کي آبهوا جي ??باهي جو وڌندڙ وجودي خطرو درپيش آهي.
پائيدار ترقي هدف حاصل ڪرڻ ضروري آهن، ان سان گڏوگڏ موسمياتي تبديلي جي اثرن سان ٿيندڙ نقصانن کان به ڇوٽڪارو حاصل ڪرڻو آهي، مستقبل جي اثرن کان بچڻ جي لاءِ پڻ قدم لازمي آهي: پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري
مضمون کا ماخذ : پاکستان لاٹری ٹکٹ