اسلام آباد – 12 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۽ هنگري جي وچ ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 50 ملين ڊالر جي موجوده سطح کان وڌائي 150 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي ??رورت آهي ته جيئن ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ ٻطرفي واپار، ڪاروبار ۽ سيڙپڪاري جي مڪمل امڪانن کي استعمال ۾ آڻي سگهجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران ج??ري بيان موجب صدر اها ڳالهه هنگري ۾ پاڪستان جي نامزد سفير آصف حسين ميمڻ سان ڳالهائيندي چئي جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. هن هنگري ۽ پاڪستان جي نجي ??عبن جي وچ ۾ زراعت، عمودي آبادگاري، روبوٽڪس، انفارميشن ٽيڪنالاجي، واٽر مئنيجمينٽ، فلڊ واٽر مئنيجمينٽ، فصل جي ??نشورنس ۽ اعليٰ پيداوار رکندڙ ٻجن جي ??ياري سميت مختلف شعبن ۾ ممڪن گڏيل منصوبن جي لاءِ رابطا پيدا ڪرڻ جي ??رورت تي زور ڏيندي چيو ته هنگري سان تعاون ج?? وسيع امڪان موجود آهن. صدر چيو ته هنگري پاران پاڪستاني شاگردن کي ڏني ويندڙ وظيفن جي مڪمل استعمال ڪرڻ جي ??رورت آهي، هنگري پاران مستقبل ۾ پاڪستاني شاگردن جي لاءِ 200 اسڪالرشپس جي ??يوارڊ کي وڌائي 400 ڪرڻ جو امڪان آهي، جنهن مان فائدو کڻڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته هنگري ?? تعليم يافته ۽ تربيت يافته پاڪستاني انساني وسيلن کي واپس پاڪستان طرف راغب ڪرڻ جي لاءِ هڪ طريقيڪار جوڙڻ گهرجي. صدر پاڪستان جي ??ي ايس پي پلس اسٽيٽس جي لاءِ هنگري جي ??ڪومت جي ??مايت کي پڻ ساراهيو. هن چيو ته نامزد سفير پاڪستان جي ??قيقي تشخص، دهشتگردي ۽ انتهاپسندي جي ??لاف پاڪستاني قوم جي قربانين سان گڏوگڏ ڀارت ۾ اقليتن جي ??لاف ٿيندڙ امتيازي سلوڪ، ڌمڪين ۽ تشدد کي پڻ اجاگر ڪري. صدر چيو ته هندوتوا جي فلسفي ۽ ڀارت ۾ اسلامو فوبيا جي وڌندڙ رجحان کي اجاگر ڪرڻ جي ??رورت آهي ڇو ته ان سان مسلمانن جي ??ان ۽ مال خطري ۾ آهن.
پاڪستان ۽ هنگري ۾ ٻطرفي واپار جي ڪاٿي کي 150 ملين ڊالر تائين وٺي وڃڻ جي ضرورت آهي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : تھور میگا ویز کی طاقت