اسلام آباد-14 آگسٽ (اي پي پي) قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ پاڪستان جي يوم آزادري جي ڊائمنڊ ??وب??ي جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد ڪئي وئي. مصر ۾ پاڪستان جي سفير ساجد بلال جهنڊو ڦڙڪايو. جهنڊو ڦڙڪائڻ کانپوءِ ت??ريب جي شروعات ڪلام پاڪ سان ٿي ۽ صدر مملڪت ۽ وزيراعظم جا پيغام پڙهي ڪري ٻڌايا ويا. ان کان اڳ يوم آزادي جي موقعي تي سفارتخاني ۾ هڪ پروقار آجياڻو منعقد ڪيو ويو جنهن ۾ پاڪستاني خاندانن جي وڏي انگ شرڪت ڪئي جن ۾ اسماعيليه ۽ اسڪندريه شهرن مان به پاڪستاني شامل هئا. تقريب جي شروعات تلاوت ڪلام پاڪ ۽ ملڪ ۽ قوم جي سلامتي، استحڪام ۽ خوشحالي لاءِ دعا سان ٿي. تلاوت کان پوءِ قومي ترانو وڄايو ويو. ان موقعي تي تقريب کي خطاب ڪندي سفير ننڍي ??نڊ جي مسلمانن لاءِ ڌار وطن جو مطالبو ڪرڻ تي پاڪستان جي بانين جي دانشمندي ۽ دور انديشي کي خراج تحسين پيش ڪيو. هن پاڪستان يج سيڪيورٽي اهلڪارن جي عوام کي هر قسم جي خطرن کان تحفظ فراهم ڪرڻ کي به ساراهيو. هن چيو ته جڏهن اسان پنهنجي آزادي جو جشن ملهائيندا آهيون ته اسان کي پنهنجي ڪشميري ڀا??رن ۽ ڀينرن کي به ياد ڪرڻ گهرجي. تقريب ۾ سڄي مصر مان 250 کان وڌيڪ پاڪستانين شرڪت ڪئي.
قاهره ۾ پاڪستاني سفارتخاني ۾ يوم آزادي جي ڊائمنڊ جوبلي جي موقعي تي شاندار تقريب منعقد
مضمون کا ماخذ : سائٹس de loteria confiáveis