اسلام آباد – 18 – مارچ (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان عاصم افتخار هڪ دفعو ٻيهر واضح ڪيو آهي ته پاڪستان ڪنهن پاور پاليٽڪس جو حصو نه بڻجندو، سپر سانڪ ميزائل لانچ جي حوالي سان ڀارتي موقف غيرذميداراڻو ۽ ڀارتي دفاعي ۽ ٽيڪنيڪي نظام تي سواليه نشان آهي، ڀارت علائقائي سلامتي ۽ امن جي خلاف ڪوششن کان پاسو ڪري. هفتيوار بريفنگ ۾ خيالن جو اظهار ڪندي پرڏيهي آفيس جي ترجمان چ??و ته او آءِ سي وزارتي ڪائونسل جو 48 هون اجلاس پاڪستان جي 75 هين آزادي جي ڏهاڙي جي موقعي تي منعقد ٿي رهيو آهي، وزيراعظم اجلاس کي اهم خطاب جڏهن ته اجلاس ۾ شريڪ او آءِ سي ملڪن جا پرڏيهي وزير 23 مارچ تي پريڊ ۾ شرڪت ڪندا. وزيراعظم ڪشمير ۽ فلسطين جي صورتحال تي ڳالهائيندو، اجلاس لاءِ سمورا سيڪيورٽي ۽ ٻيا انتظام مڪمل ڪيا ويا آهن، ترجمان چ??و ته پاڪستان امت جي اجتماعي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمانن کي درپيش بي شمار چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري اسلامي دنيا ۾ حصيداري ۽ تعاون جو پل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چ??و ته اجلاس ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ، ڪووڊ – 19 جي وبا کان ب??الي، امن ۽ سلامتي جي معاملن، اقتصادي ترقي، ثقافتي ۽ سائنسي تعاون ۽ او آءِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جهڙين اهم ترجيحن تي به ڌيان ڏنو ويندو. ترجمان چ??و ته 15 مارچ کي اسلامو فوبيا جو عالمي ڏينهن قر??ر ڏيڻ بابت پاڪستان پاران متعارف ڪرايل قرارداد جي جنرل اسيمبلي مان متفقه منظوري پاڪستان جي ڪاميابي آهي. ترجمان چ??و ته پاڪستان سمورن مذهبن ۽ تهذيبن جو احترام ڪري ٿو، يوڪرين جي صورتحال جي حوالي سان ترجمان واضح ڪيو ته ان معاملي تي پاڪستان جو موقف واضح آهي، پاڪستان ڪنهن به بلاڪ سياست جو حصو نه بڻجڻ جو اصولي فيصلو ڪيو آهي، اسان صرف امن ۾ حصيدار هونداسين، تڪرارن ۾ نه، ترجمان چ??و ته پاڪستان گڏيل قومن جي چارٽر جي بنيادي اصولن تي به مسلسل زور ڏيندو آهي جنهن ۾ خودمختياري وارو حق، طاقت جو عدم استعمال، رياستن جي خودمختياري ۽ علائقائي سالميت جو احترام، تڪرارن جو پرامن حل شامل آهن. اسان سمجهون ٿا ته انهن اصولن کي مستقل ۽ عالمي سطح تي لاڳو ڪرڻ گهرجي. هن چ??و ته پاڪستان کي يوڪرين ۾ مسلسل فوجي تڪرار تي گهري ڳڻتي آهي، اسان دشمني جي فوري خاتمي، انساني همدردي جي راهدارين جي قيام ۽ انساني امداد جي فراهمي، يوڪرين ۽ روس جي وچ م ڳالهيون جاري رکڻ ۽ سفارتي حل لاءِ مسلسل ڪوششن جو مطالبو ڪري رهيا آهيون. پاڪستان تڪرارن جي سفارتي حل جو حامي آهي. 9 مارچ تي ڀارت اپران ميزائل لانچ ڪرڻ جي حوالي سان ترجمان چ??و ته 9 مارچ تي ڀارتي سپر سانڪ ميزائل جتي ملڪي ۽ عالمي اڏامن کي خطري جي ور چاڙهيو اتي بي شمار انساني زندگين کي به خطري ۾ وجهي ڇڏيو، ترجمان ان سلسلي ۾ ڀارتي دفاع واري وزير جي جواب کي ناڪافي قر??ر ڏيندي رد ڪيو ۽ واقعي جي گڏيل جاچ جي حوالي سان پاڪستان جي مطالبي جو ورجاءُ ڪيو. ترجمان چ??و ته پاڪستان ان سلسلي ۾ سلامتي ڪائونسل جي 5 مستقل ميمبرن ۽ گڏيل قومن کي خط لکيو آهي جنهن ۾ ڀارت جي غيرذميداراڻي رويي کان آگاهه ڪيو ويو آهي. ترجمان چ??و ته ڀارت علائقائي امن ۽ سلامتي خلاف ڪوششن کان پاسو ڪري. ترجمان چ??و ته پاڪستان امت جي اجتماعي مفادن کي فروغ ڏيڻ ۽ مسلمانن کي درپيش بي شمار چئلينجز کي منهن ڏيڻ لاءِ پوري اسلامي دنيا ۾ حصيداري ۽ تعاون جو پل قائم ڪرڻ جو خواهشمند آهي. هن چ??و ته اجلاس ۾ اسلامو فوبيا جو مقابلو ڪرڻ، ڪووڊ – 19 وبا کان ب??الي، امن ۽ سلامتي، اقتصادي ترقي، ثقافتي ۽ سائنسي تعاون ۽ او آءِ سي جي ڪردار کي وڌيڪ فعال ڪرڻ جهڙين اهم ترجيحن تي به ڌيان ڏنو ويندو.\
پاڪستان ڪنهن پاور پاليٽڪس جو حصو نه بڻجندو: پرڏيهي کاتي جو ترجمان
مضمون کا ماخذ : quina acumulada