راولپنڊي – 04 – مارچ (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چوڌري فواد حسين چيو آه?? ته آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آئي آه??، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي خوش آئند آه??، اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف بيهي ٿي. اهڙن خيالن جو اظهار اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيم ۾ پاڪستان ۽ آسٽريليا جي وچ ۾ مئچ شروع ٿيڻ تي ڪيو. وفاقي وزير چوڌري فواد حسين سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل سان ??ڏ راولپنڊي ڪرڪيٽ اسٽيڊيم جو دورو ڪيو ۽ رانديگرن سان ملي خوشي جو اظهار ڪيو. هن ا?? موقعي تي چيو ته اپوزيشن ان فٽ آه??، مئچ نه کيڏي سگهندي، لانگ ۽ شارٽ مارچ ڪندڙن کي به چوندس ته پنهنجي گاڏي پڪڙين ۽ جلدي سان ٽيسٽ ڪرڪيٽ ڏسڻ اچن، انهن کي فري پاس ڏينداسين، انهن کي به عام ماڻهن سان يڪجهتي جو اظهار ڪرڻ گهرجي ته جيئن اهي اهو چوڻ جي قابل ٿين ته اهي به عام ماڻهن سان ??ڏ بيٺل آه??، اسان هر ڀيري ڏسندا آه??ون ته ڀلي اهو ??ئسو ڦرڻ جو معاملو هجي، گورننس جو معاملو هجي يا راندين جو اسان جي اپوزيشن سدائين عوام جي خلاف ئي بيٺل هوندي آه?? ۽ هڪ اهڙي وقت ۾ جڏهن پاڪستان ۾ ڪرڪيٽ بحال ٿي رهي آه?? ايترو وڏو ايونٽ ٿي رهيو آه??، اپوزيشن جو اهو ئي رويو آه??. چوڌري فواد حسين چيو ته مخالف ڌر جي قيادت کي چوندس ته انهن کي هڪ فري باڪس ڏينداسين ۽ اهي چار ڏينهن آرام سان مئچ ڏسن ۽ ان ??انپوءِ پنهنجي اسٽريٽجي ٺاهين ڇو ته ماڻهو ته انهن جا پورا نه ٿي رهيا آه??. هڪ سوال جي جواب ۾ اطلاعات واري وفاقي وزير چيو ته اسان ??اهيون ٿا ته انڊين ڪرڪيٽ ٽيم به هتي اچي، پاڪستان ۾ زبردست مئچز ٿيڻ گهرجن ۽ بجاءِ ان جي ته پاڪستان ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ کي روڪيو وڃي اسان ??ي پاڪستان ۽ انڊيا جي ڪرڪيٽ کي سپورٽ ڪرڻ ۽ راندين کي فروغ ڏيڻ گهرجي. هن چيو ته منهنجو اهو ??ڃڻ آه?? ته ڀارت ۾ به اهڙا آواز هوندا جيڪي شدت پسندي کي رد ڪن ٿا. ا?? موقعي تي وفاقي وزير ڪرڪيٽ جي بحالي تي پي سي بي، سي اي، آءِ سي سي عملدارن جا ٿورا مڃيا. سنڌ جي گورنر عمران اسماعيل پڻ رانديگرن سان ملاقات ڪئي ۽ ملڪ ۾ عالمي ڪرڪيٽ جي بحالي تي خوشي جو اظهار ڪيو.
آسٽريلوي ڪرڪيٽ ٽيم 24 سالن کانپوءِ پاڪستان آئي آهي، ملڪ ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ جي بحالي خوش آئند آهي: چوڌري فواد حسين
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کی پیش گوئی