اسلام آباد – 26 فيبروري (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي وزير فرخ حبيب چيو آهي ته سنڌ حڪومت جي ناڪامين، ??وا??ي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪ??اچي ”سنڌ حقوق مارچ“ ??وا??ي امنگن جو ترجمان آهي، ساڍا 13 سالن کان پيپلزپارٽي سنڌ تي حڪومت ڪري رهي آهي پر ??وا?? جي لاءِ ڪجهه به ناهي ڪيو. مملڪتي وزير فرخ حبيب پي ٽي آءِ حقوق سنڌ مارچ تي پنهنجي بيان ۾ چيو ته ايمبولينس ميسر نه هجڻ تي سنڌ ۾ اڄ به مريضن کي ٺيلهي تي اسپتالن ۾ آندو وڃي ٿو، ڪراچي جي ??وا?? کي ٽينڪر مافيا، ذخيره اندوزن جي رحم ڪرم تي ڇڏيو ويو آهي. هن چيو ته هي اها سنڌ آهي جتان جا چوها اربين رپين جي ڪڻڪ کائي وڃن ٿا، پيپلزپارٽي سنڌ ۾ ايتري ڪرپشن ڪ??ي جو اتان جا چوها به دلير ٿي ايتري ڪڻڪ کائي ويا، سنڌ جي خوراڪ واري وزير جي اسيمبلي فلور تي بيهي اربين رپين جي ڪرپشن جي اعتراف تي بلاول جي خاموشي ??واليه نشان آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ڏوهن ۽ بدامني جو ذميوار ڪير آهي؟ حقوق سنڌ مارچ سنڌ جي مختلف ضلعن ۾ ويندو، گهوٽڪي کان شروع ٿيندڙ سنڌ حقوق مارچ مختلف ضلعن کان ٿيندو 6 مارچ تي ڪراچي ۾ پڄاڻي تي پهچندو.
سنڌ حڪومت جي ناڪامين، عوامي مسئلن ۽ ڏوهن ۾ اضافي جي خلاف پي ٽي آءِ جو گهوٽڪي کان ڪراچي ”سنڌ حقوق مارچ“ عوامي امنگن جو ترجمان آهي: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی تجزیاتی ایپ