اسلام آباد – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته موثر ۽ فعال بلدياتي نظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي، فعال بلدياتي نظام جي ذريعي عوام جا ڪيترائي مسئلا انهن جي چائٺ تي حل ڪري سگهجن ٿا. اهڙن خيالن جو اظهار هن پنجاب ۾ ايندڙ بلدياتي چونڊن جي حوالي سان ٿيندڙ اجلا?? جي صدارت ڪندي ڪيو، وزيراعظم عمران خان چيو ته بلدياتي نظام جو مقصد ??خت??ارن جي هيٺين سطح تي منتقلي آهي، هن زور ڏنو ته ان نظام جي ڪاميابي لاءِ ضروري آهي ته معاشري جي سمورن طبقن خاص طور تي عورتن، نوجوانن، آبادگارن ۽ واپارين کي هڪ جهڙي نمائندگي ڏني وڃي. اجلاس ۾ وفاقي وزير مخدوم شاهه محمود قريشي، شفقت محمود، خسرو بختيار، اسد عمر، فواد چوڌري، حماد اظهر، خصوصي مددگار ڊاڪٽر شهباز گل شرڪت ڪئي. پنجاب جي وڏي وزير عثمان بوزدار ۽ صوبا??ي وزير مخدوم هاشم جوان خان، محمد بشارت راجا ۽ ميان محمود الرشيد وڊيو لنڪ جي ذريعي اجلاس ۾ شريڪ ٿيا.
موثر ۽ فعال بلدياتي نظام ملڪي ترقي جو ضامن هوندو آهي: وزيراعظم عمران خان
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔