بيجنگ – 03 فيبروري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيني قيادت جي خصوصي ??عوت تي اعليٰ سطحي وفد سان گڏ 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ په??ي ويو آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب چين جي سفير ووجائي ۽ چين ۾ پاڪستان جي سفير معين الحق وزيراعظم جو هوائي اڏي تي استقبال ڪي??. وزيراعظم بيجنگ ونٽر اولمپڪس 2022ع جي افتتاحي تقريب ۾ شرڪت کانسواءِ صدر شي جنگ پنگ ۽ وزيراعظم لي ڪي چيانگ سان ٻطرفي معاملن تي ملاقاتون ڪ??دو. انهن ملاقاتن ۾ ٻنهي ڀائرن ملڪن جي وچ ۾ خاص طور تي سي پيڪ فريم ورڪ تحت واپاري ۽ اقتصادي تعاون کي فروغ ڏيڻ بابت معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ سان گڏوگڏ اهم علائقائي ?? عالمي معاملا بحث هيٺ ايندا. ان موقعي تي وزيراعظم چين جي مشهور ڪاروباري اڳواڻن، مشهور ٿنڪ ٽينڪس، دانشورن ۽ ميڊيا جي نمائندن سان آن لائن ملاقاتن کانسواءِ اهم ٻطرفي ملاقاتن ۾ به شريڪ ٿيندو.
وزيراعظم اعليٰ سطحي وفد سان 4 ڏينهن جي سرڪاري دوري تي بيجنگ پهچي ويو
مضمون کا ماخذ : sorteos da loteria