گوجرانوالا-03 ڊسمبر (اي پي ??ي) وزيراعظم جي سياسي معاملن بابت خاص معاون ڊاڪٽر شهباز گل چيو آهي ته پا??ستان ۾ ايندڙ چونڊون اليڪٽرانڪ ووٽنگ مشين (اي وي ايم) ذريعي ڪرايون وينديون ۽ پرڏيهه ۾ ترسيل پا??ستانين کي ووٽ ڏيڻ ??و حق به ملندو. پنجاب ۾ ايندڙ مڪاني چونڊون ??ه اي وي ايم ذريعي ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو آهي. گوجرانوالا ۾ اوورسيز ڪنوينشن کي خطاب ڪندي هن چيو ته پا??ستان تحريڪ انصاف سڄي ملڪ ۾ جمهوريت جي استحڪام ۽ـ صاف سٿري سياست تي يقين رکي ٿي، سياسي پارٽيون چونڊن ۾ ڌانڌليءَ جي رڙيون ڪنديون آهن، پر پي ??ي آءِ واحد پارٽي آهي جنهن چونڊ سڌارن جي ذميواري کنئي ۽ ان سلسلي ۾ قانونسازي ڪئي وئي آهي جنهن تحت ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ڪرايون وينديون. ڌانڌليءَ جو خاتمو ٿيندو ۽ پا??ستان کي جمهوري لحاظ کان هٿي ملندي. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان اهڙي مڪاني نظام جو خواهشمند آهي جنهن ۾ حقيقي طور تي اقتدار جي منتقلي ٿئي. ڊاڪٽر شهباز گل چيو ته عوام جو چونڊيل نمائندو پنهنجي تڪ جي اسڪولن، اسپتالن ۽ ٻين ش??ن جو فيصلو ڪري سگهندو. هن چيو ته حڪومت عوام سان ڪيل وعدا پورا ڪري رهي آهي.
پاڪستان ۾ ايندڙ چونڊون اي وي ايم ذريعي ڪرايون وينديون، پرڏيهه ۾ ترسيل پاڪستانين کي ووٽ جو حق به ملندو: ڊاڪٽر شهباز گل
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈ کا انعام