اسلام آباد – 25 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات واري مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو آهي ت?? وزيراعظم عمران خان عالمي دنيا کي بهترين انداز ۾ باور ڪرايو ته افغان جنگ جو سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پاڪستان کي ٿيو، هاڻي دنيا کي گهرجي ت?? ماضي جي غلطي کي نه ورجائي پر افغانستان ۾ پائيدار امن جي لاءِ ڪوشش ڪري، وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ دليراڻي انداز سان مودي جي ظالماڻي نظريي آر ايس ايس کي ايڪسپوز ڪيو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ مملڪتي و??ير فرخ حبيب چيو ته ڀرپور دليلن سان ڪشميرين جي سچي وڪيل ۽ ارڏي سفير هجڻ جو ڪردار ادا ڪيو. هن سيد علي گيلاني جي ميت کي اسلامي رسمن سان شهيدن جي قبرستان ۾ دفنائڻ جي مطالبي ت?? زور ڏنو. هن چيو ته وزيراعظم عمران خان گڏيل قومن ۾ انتهائي پراعتمادي سان حقيقتون سامهون رکيون ۽ ڪيترن کي ئي آئي??و پڻ ڏيکاريو، الحمدالله پاڪستان ۾ اهڙو وزيراعظم موجود آهي جيڪو قومي مفاد ۽ ايندڙ نسلن جي مستقبل کي ترجيح ڏي ٿو.
وزيراعظم عمران خان عالمي دنيا کي بهترين انداز ۾ باور ڪرايو ته افغان جنگ جو سڀ کان وڌيڪ جاني ۽ مالي نقصان پاڪستان کي ٿيو: فرخ حبيب
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا انعام