اسلام آباد – 26 – جنوري (اي پي پي) وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي جاچ جي حوالي سان ڪميٽي بدران ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آه??، انڪوائري ڪميشن براڊ شيٽ معاملو سامهون اچڻ تائين جي مدي جي جاچ ڪندي، ڪميشن ڪنهن به شخص يا اداري کي طلب ۽ دستاويز حاصل ڪرڻ جو اختيار رکي ٿي، ڪابينا ڪورونا ويڪسين جي درآمد جي حوالي سان نيشنل هيلٿ سر??سز?? ريگيوليشنز اينڊ ڪوآرڊينيشن واري وزارت پا??ان سفارشن جي منظوري ڏني، ڪابينا 5 فيبروري تي ڪشمير سان يڪجهتي جو ڏهاڙو ڀپرور طريقي سان ملهائڻ جي عزم کي ورجايو، سينيٽ جون چونڊون شفاف انداز سان ڪرائڻ جي لاءِ اوپن بيلٽ اليڪشن جي لاءِ ضرورت پئي ته آئيني ترميم به ڪئي ويندي، پي ٽي آءِ کي فارن فنڊنگ ۾ ڦاسائيندڙ مخالف ڌر پاڻ ڦاسي چڪي آه??، وراثتي ليڊرز هر غلط ڪم جا سرپرست آه??، لاهور قبضا معاملو واضح ثبوت آه??. اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي وزير سينيٽر شبلي فراز وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ وفاقي ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ صحافين کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته اڄ ڪيترائي اهم موضوع بحث هيٺ آ??دا ويا. اد??را??اتي سڌارن ۽ ڪفايت شعاري واري صلاحڪار پا??ان وفاقي ڪابينا کي حڪومت جي ڪفايت شعاري ۽ نئين سر جوڙجڪ بابت ٽاسڪ فورس پا??ان وزارتن ۽ ڊويزنن ۾ 70 هزار خالي جايون ختم ڪرڻ، وفاقي حڪومت جي ادارن جو انگ 441 مان گهٽ ڪري 324 تائين رکڻ جي حوالي سان اد??را??اتي سڌارن تي تفصيلي بريفنگ ڏني وئي.
وفاقي ڪابينا براڊ شيٽ معاملي تي ڪميشن آف انڪوائري ايڪٽ 2017ع تحت ڪميشن جوڙڻ تي اتفاق ڪيو آهي: شبلي فراز
مضمون کا ماخذ : جیک اور بین اسٹالک