اسلام آباد – 28 نومبر (اي پي پي) خاتون اول بيگم ثمينه عارف علوي چيو آهي ته پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن جي شرح ايشيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي جنهن جو مقابلو ڪرڻ لاءِ حڪومت ۽ نجي شعبي کي گڏجي ڪوششون ڪرڻيون پونديون، ڇاتي جي ڪينسر سبب قيمتي جانيون ضايع ٿي رهيون آهن جنهن جي روڪٿام اسان سڀني جي ذميداري آهي، اها ڳ??له?? بيگم ثمينه عارف علوي اسلام آباد ويمن چيمبر جي اهتمام هيٺ ڇاتي جي ڪينسر جي باري ۾ آگاهي سيمينار کي خطاب ڪندي چئي، هن چيو ته حڪومت ان مرض جي جلد سڃاڻپ لاءِ ڪوشان آهي ته جيئن عورتن جي جان بچائي سگهجي ڇو ته بروقت مرض جو علم هجڻ سان مريض جي بچڻ جا امڪان 80 سيڪڙو تائين هوند?? آهن، هن چيو ته ملڪ ۾ ساليانو 90 هزار جي لڳ ڀڳ ڪيس رپورٽ ٿي رهي?? آهن جڏهن ته 40 کان 45 هزار موت ٿيند?? آهن جنهن ۾ اڪثريت ک?? بچائي سگهجي ٿو جنهن لاءِ اسان سڀني کي گڏجي پنهنجي ذميداري ادا ڪرڻي پوندي.
پاڪستان ۾ ڇاتي جي ڪينسر سبب متاثر عورتن جي شرح ايشيا جي ٻين ملڪن کان وڌيڪ آهي: بيگم ثمينه عارف علوي
مضمون کا ماخذ : کینڈی کیش