ٽوڪيو-04 نومبر (اي پي پي) اتر ڪو??يا جي گذريل ھفتي فائر ڪيل ھڪ نئين بين البراعظمي بيليسٽڪ ميزائل بعد جاپان، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪو??يا گڏيل فضائي مشقون شروع ڪيون آھن. پرڏيهي ميڊيا مطابق ڏکڻ ڪو??يا جي جوائنٽ چيفس آف ا??ٽا?? گذريل ڏينھن اعلان ڪيو آهي ته مشقون ملڪ جي ڏکڻ واري ٻيٽ چيجو جي اوڀر ۾ ھوائي حدن ۾ ٿيون جنھن دوران مقرر ڪيل ه??فن کي درست انداز ۾ حملا ڪرڻ جي صلاحيت جي تصديق ڪئي وئي. مشقن ۾ آمريڪا جو ايف-16 جنگي جھاز ۽ ھڪ بي-1 بمبار جھاز شامل ھو. اتر ڪو??يا انهن بمبار جھازن جي صلاحيتن بابت محتاط آھي. ڏکڻ ڪو??يا جي فوج جو چوڻ آھي ته ٽئي ملڪ اتر ڪو??يا جي درپيش خطرن کي روڪڻ ۽ گڏيل طور جواب ڏيڻ جي سھڪار ??ي مضبوط بڻائيندا. 5 نومبر تي منعقد ٿيندڙ آمريڪي صدارتي چونڊن جي موقعي تي پيانگ يانگ بيليسٽڪ ميزائل فائر ڪري سگھي ٿو ۽ ايٽمي تجربو پڻ ڪري سگھجي ٿو.
اترڪوريا پاران بين البراعظمي ميزائل فائر ڪرڻ بعد جاپان، آمريڪا ۽ ڏکڻ ڪوريا جون گڏيل مشقون شروع
مضمون کا ماخذ : کوئی شہزادی۔