گڏيل قومون-28 آڪٽوبر (اي پي پي)گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل انتونيوگوتريش چيو آهي ته غزه پٽي جي اتر ۾ جاري سخت اسرائيلي فوجي ڪارروائين دوران فل??طي??ي شھرين جي فوتگين جي صورتحال تي سخت صدمي جو اظھار ڪيو آھي. پرڏيھي رپورٽ مطابق گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل جي ترجمان گذريل ڏينھن بيان ۾ چيو آھي ته غزه جي صحت واري وزارت مطابق گذريل ڪجھه ھفتن دوران غزه ۾ اسرائيلي ڪارروائين دور??ن سوين فل??طي??ي شھيد ٿيا ۽ 60 ھزار کان وڌيڪ ماڻھو ٻيھر لڏ پلاڻ ڪرڻ تي مجبور ٿيا آھن ۽ اھو به خدشو آھي ته انھن مان ڪيترا ئي ماڻھو سندن گھر واپس نه وڃي سگھندا. بيان ۾ ھن چيو ته اتر غزه ۾ ڦاٿل فل??طي??ي شھرين جي حالت ناقابل برداشت آھي. گڏيل قومن جي سي??ري??ري جنرل چيو ته اتر غزه ۾ اسرائيل ??ي فوجي ڪارروائين جي نتيجي ۾ وڏي پيماني تي تباھي خاص طور تي جباليه، بيت لاھيه ۽ بيت الحنون ۾ ٿي آھي ۽ انھن جي آس پاس وارا علائقا فل??طي??ي آبادي جي رھائش جي قابل نه رھيا آھن. ھن چيو ته عالمي انساني قانونن جون سنگين ڀڃڪڙيون جاري آھن. ھن ان ڳالھه تي زور ڀريو ته تڪرار وارين ڌرين کي شھرين ۽ انساني ھمدردي جي ڪارڪنن جو تحفظ ڪرڻ گھرجي. پر افسوس هتي انھن لاءِ روڪاوٽون پيدا ڪيون پيون وڃن. گڏيل قومن جي سربراه غزه ۾ فوري جنگبندي، سمورن قيدين جي فوري آزادي ۽ عالمي قانون تحت ڏوھارين کي جوابده بڻائڻ لاءِ پنھنجي اپيل ??و و??جا??ُ ڪيو.
اتر غزه ۾ فلسطيني شھرين جي حالت ناقابل برداشت آھي: گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد