اسلام آباد-10 جنوري (اي پي پي) سيڙپڪاري بورڊ واري وفاقي وزير عبدالعليم خان سان ترڪيه جي ايئر لائن پيگاسس ۽ ڪاروباري اداري هٽ اِٽ جي چيئرپرسن نور گوڪمان ملاقات ڪئي. ان موقعي تي دلچسپيءَ جي گڏيل معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئ??. وفاقي وزير ملاقات دوران ڳالهائيندي چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ پُراڻا، دوستاڻا، تاريخي ناتا ۽ گهرا رابطا آهن، ٻنهي ملڪن جو عوام هڪٻئي سان دلي رشتن ۾ ٻَڌل آهي. هن چيو ته اسان ترڪيه سان واپاري ڳاڻ??ٽي ۾ واڌ ۽ ٻه طرفي ڪاروباري سرگرمين کي هٿي ڏيڻ چاهيون ٿا. هٽ اِٽ ۽ پيگاسس جي چيئرپرسن پا??ست??ن ۾ مواصلات ۽ شهري هوابازي جي معاملن ۾ گهري دلچسپي جو اظهار ڪندي چيو ته ترڪيه پا??ست??ن سان بزنس ٽو بزنس سرگرمين ۾ واڌ جو خواهشمند آهي. هن وفاقي وزير کي ٻُڌايو ته هٽ اِٽ ڪمپني 70 وڏين ايئر لائنز سان مارڪيٽ شيئر رکي ٿي ۽ اسان جي ڪمپني پي آءِ اي جي سڀ کان وڏي پارٽنر ۽ دنيا ۾ هوابازي جي شعب?? ۾ ??ين وڏي ڪمپني آهي. وفاقي وزير هٽ اِٽ طرفان پا??ست??ن ۾ بزنس ۾ دلچسپيءَ جي آجيان ڪندي چيو ته پا??ست??ن مواصلات جي شعب?? ۾ ??ڏي پيماني تي هاڪاري تبديليون آڻي رهيو آهي، پرڏيهي ڪاروباري ادارن جي پا??ست??ن ۾ سيڙپڪاري لاءِ مڪمل همٿ افزائي ڪنداسين. وفاقي وزير چيئرپرسن لاءِ پا??ست??ن ۽ پا??ست??ني عوام پاران خير سگالي جي جذبن جو به اظهار ڪيو. ملاقات ۾ هٽ اِٽ جي چيف آفيسر اطيله ليزي ۽ پا??ست??ن لاءِ ڪوآرڊينيٽر آسي غامزي به ملاقات جي موقعي تي موجود هئا.
پرڏيهي ڪاروباري ادارن جي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري لاءِ مڪمل همٿ افزائي ڪنداسين: وفاقي وزير عبدالعليم خان
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2