اسلام آباد – 05 – نومبر (اي پي پي) وفاقي حڪومت اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيل??وي??ن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي اضافي چارج ڏئي ڇڏي. ڪابينا سيڪريٽريٽ اسٽيبلشمينٽ ??وي??ن پاران جاري ٿيندڙ نوٽيفڪيشن موجب پاڪستان حڪومت سول سرونٽس ايڪٽ 1973ع جي شق 10 تحت اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پاڪستان ٽيل??وي??ن ڪارپوريشن جي مئنيجنگ ڊائريڪٽر جي عهدي جي اضافي چار?? ٽن مهينن جي مدي يا ريگيولر مقرري تائين ڏني وئي آهي. عنبرين جان هن وقت اطلاعات ۽ ن??ريات واري وفاقي سيڪريٽري جي حيثيت سان فرض سرانجام ڏئي رهي آهي. چارج سنڀالڻ کانپوءِ اطلاعات واري وفاقي سيڪريٽري ۽ ايم ڊي پي ٽي وي عنبرين جان پي ٽي وي ۾ ضابطن جي خلاف ڀرتين جي جاچ شروع ڪرڻ جا حڪم جاري ڪري ڇڏيا. 12 رٽائرڊ ملازمن جي ٻيهر ملازمت ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻين ملازمن جي ڊگرين جي تصديق جو عمل پڻ شروع ڪرڻ جي هدايت ڪري ڇڏي آهي.
اطلاعات ۽ نشريات واري وفاقي سيڪريٽري عنبرين جان کي پي ٽي وي جي ايم ڊي جي اضافي چارج ڏني وئي
مضمون کا ماخذ : dupla sena acumulada