اسلام آباد – 31 – آڪٽوبر (اي پي پي) وقتي صدر سيد ي??سف رضا گيلاني ڏياريءَ جي موقعي تي پاڪستان جي هندو برادري کي مبار??با?? ڏني آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب وقتي صدر ڏياريءَ جي موقعي تي مبار??با?? ۽ نيڪ خواهشن جي پيغام ۾ چيو ته پاڪستان جي هندو برادري کي ڏياريءَ جي ڏڻ تي مبار??با?? ڏيان ٿو. هن چيو ته ڏياريءَ روشنين جو ڏڻ امن، خوشحالي ۽ خوشي جو پيغام ڏي ٿو. وقتي صد?? چيو ته پاڪستان ۾ ڏياريءَ جون خوشيون ملهائڻ مذهبي هم آهنگي ۽ رواداري جي عڪاس آهي. وقتي صد?? چيو ته ڏياريءَ اونداهي تي روشني جي فتح ۽ برائي تي سٺائي جي فتح جي علامت آهي. سيد ي??سف رضا گيلاني چيو ته پاڪستان ۾ ڏياريءَ جو ڏڻ ملهائڻ اسان جي ثقافت جي علامت آهي، پاڪستان جو آئين سمورين اقليتن کي مذهبي آزادي جي ضمانت ڏي ٿو. پاڪستان جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان سڀني کي گڏجي ڪم ڪرڻو پوندو.
پاڪستان ۾ ڏياريءَ جو ڏڻ ملهائڻ اسان جي ثقافت جي علامت آهي: وقتي صدر سيد يوسف رضا گيلاني
مضمون کا ماخذ : میگا ملینز کا جیک پاٹ