اسلام آباد-22 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سردار اياز صادق سان برطانوي پار??يا??نٽ جي ميمبر محمد ياسين اڱاري ڏينهن ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفن لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي اهم معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. ان موقعي تي اسپيڪر اياز صادق چيو ته پاڪستان جا برطانيه سان پراڻا دوستاڻا لاڳاپا آهن، پاڪستاني حڪومت ۽ عوام برطانيه سان خوشگوار لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ جي راهه تي گامزن آهي. پاڪستان برطانيه سان پار??يا??اني ۽ اقتصادي سهڪار سان لاڳاپن کي وڌيڪ م??تح??م بڻائڻ لاءِ پرعزم آهي. ٻنهي ملڪن جي پار??يا??انن وچ ۾ ڳالهه ٻولهه سان مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌيڪ م??تح??م ٿ??ند??. هن چيو ته برطانيه ۾ رهندڙ پاڪستاني برطانيه جي قومي ترقي ۾ پنهنجو مثبت ڪردار ادا ڪري رهيا آهن. پاڪ- برطانيه پار??يا??اني فرينڊ شپ گروپ ٻطرفي لاڳاپن کي مضبوط بڻائڻ ۾ پنهنجو ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. برطانوي پار??يا??نٽ ميمبر چيو ته برطانيه پاڪستان سان پنهنجي تاريخي ۽ پراڻن لاڳاپن کي اهميت ڏئي ٿو. پار??يا??اني فرينڊ شپ گروپس جي پليٽ فارم سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ مضبوط پار??يا??اني لاڳاپن کي وڌيڪ وسعت ملندي، پاڪستان جو ترقي طرف سفر انتهائي تعريف جوڳو آهي.
قومي اسيمبلي جي اسپيڪر سان برطانوي پارليامنٽ جي ميمبر محمد ياسين جي ملاقات
مضمون کا ماخذ : کمپیوٹرائزڈ لاٹری