اسلام آباد – 02 – آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستان وچ اوڀر ۾ وڌندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪندي سمورين ڌرين تي زور ڏنو آهي ته اهي امن کي ترجيح ڏين. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب اسرائيل تازي مهينن ۾ عالمي قانون ۽ گڏ??ل قومن جي چارٽر جي خلاف ورزي ڪندي قدم کنيا جنهن جي نتيجي ۾ سنگين انساني بحران پيدا ٿيو آهي. هن چيو ته اسرائيل غزه ۾ جاري نسل ڪشيءَ سان علائقائي امن ۽ سلامتي کي خطري ۾ وجهي ڇڏيو آهي، لبنان تي تازي حملي ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ شد?? پيدا ڪري ڇڏي آهي جنهن سان بيگناهه شهرين جون زندگيون ??تا??ر ٿي رهيون آهن. فلسطين، لبنان ۽ وسيع خطي جا ماڻهو خوف ۽ تشدد کان آزاد زندگي گذارڻ جا مستحق آهن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته سمورين ڌرين جي لاءِ اهو انتهائي ضروري آهي ته اهي پـٺتي ٿين ۽ عالمي برادري کي صورتحال کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ تيزي سان ڪارروائي ڪرڻ گهرجي. ترجمان چيو ته پاڪستان گڏ??ل قومن جي سلامتي ڪائ??نس?? کان خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي برقرار رکڻ، لبنان جي خودمختياري جي تحفظ ۽ غزه ۾ جاري انساني بحران جي خاتمي لاءِ پنهنجي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان عالمي قانون ۽ گڏ??ل قومن ۽ او آءِ سي جي لاڳاپيل قراردادن موجب فلسطين مسئلي جي منصفاڻي ۽ جامع حل سان وچ اوڀر ۾ پائيدار امن جي اهم طور ٻه رياستي حل جي مسلسل وڪالت ڪئي آهي.
پاڪستان پاران وچ اوڀر ۾ وڌندڙ خراب صورتحال تي گهري ڳڻتي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : الوہا کلسٹر ادائیگی کرتا ہے۔