اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان دهلي هاءِ ڪورٽ پاران ڪشميري عوام جي حق?? جي وڪالت ڪندڙ ڪيترين ئي سياسي پارٽين تي پابندي هڻڻ جي ڀارتي فيصل?? کي برقرار رکڻ جي تازي فيصلي جي شديد مذمت ڪئي آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته ڀارتي حڪومت پاران مقامي سياسي پارٽين تي پابندي ڪشميري عوام کي محڪوم بڻائڻ، اختلاف راءِ کي دٻائڻ ۽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير تي پنهنجي قبض?? کي مستحڪم ڪرڻ جي لاءِ ڀارت جي بي لگام مهم جو حصو آ??ي. ??رجمان چيو ته ڄمون ۽ ڪشمير جي ماڻه?? جي حق?? جي وڪالت ڪندڙ پارٽين کي غيرقانوني سرگرمي?? جي (روڪمٿام) ايڪٽ (يو اي پي اي) تحت خاموش ڪيو پيو وڃي. هن چيو ته اهو قانون ڪشميري عوام تي ڏاڍ جي هڪ هٿيار جي طور تي تيزي سان استعمال ٿي رهيو آ??ي. ??رجمان چيو ته انهن ڪاررواين کي قانوني حيثيت ڏيڻ ۾ ڀارتي عدليه جو ڪردار ڄمون ۽ ڪشمير ۾ جائز سياسي آوازن کي دٻائڻ جي منظوري ڏيندڙ تازن فيصلن کانپوءِ سامهون آيو آهي، گذريل سال ڀارتي سپريم ڪورٽ ڀارت جي غيرقانوني طور تي قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ 2019ع جي غيرقانوني ۽ هڪطرفي ڪاررواين کي برقرار رکيو ويو هو. ترجمان ڀارت تي زور ڏنو ته هو سمورين سياسي پارٽين تي پابندي هٽا??ي جيڪي والاريل ڪشمير ۾ غيرقانوني طور تي ڪالعدم قرار ڏنيون ويون آهن، ڪشميري عوام جي حقن ۽ آزادين جو احترامڪ ري، سمورن سياسي قيدين ۽ انساني حق?? جي ڪارڪنن کي آزاد ۽ ڄمون ۽ ڪشمير سان لاڳاپيل گڏيل قوم?? جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن تي عملدرآمد ڪري.
پاڪستان پاران دهلي هاءِ ڪورٽ جي تازي فيصلي جي شديد مذمت
مضمون کا ماخذ : raspadinha caixa