اسلام آباد-20 آگسٽ (اي پي پي) منصوبابندي، ترقي ۽ خصوصي قدمن واري وفاقي وزير احسن اقبال ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪرڻ جي هدايت ??ندي چيو آهي ته حڪومت پاڪستان ۽ چين، سي ??يڪ فيز2 تحت ان??ن پنج اقتصادي راهدارين تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. اهڙو اظهار هن پنهنجي صدارت ۾ ٿيل سي ??يڪ منصوبن جي حوالي سان جائزي اجلاس کي خطاب ڪندي ڪيو. اجلاس ۾ سيڪريٽري پلاننگ اويس ??نظور سمرا، لاڳاپيل وزارتن جي سيڪريٽرين، ادارن جي سربراهن ۽ اعليٰ عملدارن شرڪت ڪئي. هن لاڳاپيل اسٽيڪ هولڊرز ۽ وزارتن جي اعليٰ عملدارن کي ان??ن ڪوريڊورز تي گڏيل پلان جوڙڻ جي هدايت ??ئي. وفاقي وزير چيو ته سمورن ورڪن?? گروپس کي آگسٽ 2023ع ۾ چين جي صدر جن پنگ جي تجويز ڪيل 5 ڪاريڊورز تي ڪانسپٽ پيپرز تيار ڪرڻ جون هدايتون ڏنيون ويون هيون، حڪومت پاڪستان ۽ چين، سي ??يڪ فيز 2 تحت ان??ن 5 اقتصادي راهدارين تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي. هن هدايت ??ئي ته ڪانسپٽ پيپرز جي تياري جو ڪم جلد کان جلد مڪمل ڪيو وڃي، سي ??يڪ فيز 2 جا سمورا منصوبا ان??ن پنج نون ڪوريڊورز موجب تيار ڪيا وڃن. احسن اقبال چيو ته پنج نون ڪاريڊورز ۾ گروٿ، اڪنامڪ ڊولپمينٽ پروجيڪٽس، ان??ويشن، گرين ۽ ريجنل ڪنيڪٽيويٽي شامل آهن، اهي پنج ڪوريڊورز پاڪستان جي اقتصادي ترقي جي فريم ورڪ ”فائيو اي ايز“ سان هڪجهڙائي رکن ٿا. هن چيو ته ان??ويشن ڪوريڊور تحت جديد ٽيڪنالاجي ذريعي نون منصوبن جو بندوبست ۽ نوجوانن کي آءِ ٽي ۾ مهارت ڏيڻ شامل آهي. اوپن ريجنل کي آپريشن تحت سي ??يڪ سينٽرل ايشيا سان رابطن کي هٿي ڏيڻ ۽ دوستاڻا لاڳاپا قائم ڪرڻ لاءِ استعمال ڪيو ويندو. وفاقي وزير چيو ته پنج ڪوريڊورز جي حوالي سان پاڪستان جي هوم ورڪ بابت تيار ڪيل دستاويز چين جي وزيراعظم جي پاڪستان جي دوري دوران پيش ڪئي ويندي. هن هدايت ??ئي ته سموريون وزارتون سي ??يڪ پورٽ فوليو تحت پنج سالن جو منصوبو تيار ڪن ۽ کين جي سي سي آڏو پيش ڪن، سيپٽمبر ۾ وڌ کان وڌ جوائنٽ ورڪن?? گروپس جا اجلاس منعقد ڪيا وڃن ته جيئن آئنده پنج سالن جي سي ??يڪ جو لائحه عمل تيار ڪري سگهجي، اسان جو مقصد صنعتي ۽ واپاري ترقي ۽ پرڏيهي سيڙپڪاري ۾ اضافو ٿيڻ گهرجي، ڊگهي مدي وارن منصوبن کي هر شعبي جي لحاظ کان بريڪ اپ ڪري ورڪن?? گروپس ۾ شامل ڪيو وڃي. وفاقي وزير چيو ته سموريون وزارتون ايندڙ 15 ڏينهن ۾ سي ??يڪ جو باقاعده پلان تيار ڪري پيش ڪن، گڏيل ورڪن?? گروپ جي ايجنڊا ۽ ڄاڻايل منصوبن جي چونڊ لاءِ هفتيوار گڏجاڻيون منعقد ڪيون وڃن، ايندڙ پنج سالن جي ڄاڻايل ايجنڊا ۽ پلان تيار ڪن. هن چيو ته اسان کي نه رڳو پنهنجو پنج سالن جو منصوبو تيار ڪرڻ گهرجي پر چين جي سي ??يڪ فيز 2 جي منصوبي جي به مڪمل تفصيل معلوم هجڻ گهرجن. نون آئيڊياز تي ٻڌل منصوبا تيار ڪريون، ايندڙ گڏيل ورڪن?? گروپ ۽ جي سي سي جي اجلاس لاءِ ڄاڻايل منصوبن تي ڪم جلد مڪمل ڪيو وڃي.
پاڪستان ۽ چين، سي پيڪ فيز 2 تحت 5 اقتصادي راهداري تي جلد کان جلد ڪم شروع ڪرڻ تي اتفاق ڪيو آهي: وفاقي وزير احسن اقبال
مضمون کا ماخذ : منی ٹرین 2