اسلام آباد – 01 – جولائي (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه ۾ شنگهائي تع??ون تنظيم جي ڪائونسل آف هيڊز آف اسٽيٽ ۽ ايس سي او پلس جي ٻن سربراهي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ويندو، نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار، ڪابينا جا ٻيا سينيئر ميمبر ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسر پڻ ساڻس گڏ هوندا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري بيان موجب شنگهائي تع??ون تنظيم جي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالم?? مسئلن تي پاڪستان جو موقف پيش ڪندو ۽ ان اهميت کي اجاگر ڪندو ته پاڪستان شنگهائي تع??ون تنظيم جي ميمبر ملڪن سان علائقائي رابطن ۽ تع??ون کي اهميت ڏي ٿو. بيان موجب وزيراعظم ايس سي او پلس سمٽ کي خطاب پڻ ڪند?? جيڪو ايس سي ا?? جي ميمبر ملڪن سان گڏوگڏ ڊائيلاگ پارٽنرز، مبصر رياستن، چيئر جي مهمانن ۽ عالمي تنظيمن کي پڻ گهرائيندو. وزيراعظم اهم علائقائي ۽ عالم?? مسئلن تي پاڪستان جي موقف کان آگاهه ڪندو ۽ ايس سي او خطي جي ماڻهن جي فائدي جي لاءِ تنظيم کي مضبوط بڻائڻ جي اهميت کي اجاگر ڪندو. وزيراعظم سربراهي اجلاس جي موقعي تي شريڪ اڳواڻن سان ملاقاتون پڻ ڪندو.
وزيراعظم محمد شهباز شريف 3 ۽ 4 جولاءِ تي آستانه ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي اجلاسن ۾ شرڪت جي لاءِ قازقستان ويندو
مضمون کا ماخذ : Aztec خزانے