بيجنگ – 16 – مئي (اي پي پي) نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار بيجنگ ۾ چين جي ايگزم بئنڪ جي چيئرمين ووفلن سان ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس پاران جا??ي بيان موجب نائب وزيراعظم ۽ ايگزم بئنڪ جي چيئرمين ايگزم بئنڪ جي پاڪستان سان پراڻي ت??اون ۽ پاڪستان ۾ مستقبل جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. ملاقات دوران نائب وزيراعظم مالياتي ۽ اقتصادي استحڪام جي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ۽ ڪاروبار دوست پا??يس??ن جو خاڪو پيش ڪيو، هن خاص طور تي پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي شاندار ڪارڪردگي کي ساراهيو. نائب وزيراعظم پاڪستان جي معيشت تي عالمي سيڙپڪارن جي اعتماد جي ت??ديد ڪئي. نائب وزيراعظم محمد اسحاق ڊار سي پيڪ تحت پاڪستان ۾ اهم ترقياتي منصوبن جي لاءِ ايگزم بئنڪ جي ڀرپور حمايت کي ساراهيو. نائب وزيراعظم بئنڪ کي قابل تجديد توانائي، زراعت، صنعتڪاري ۽ صنعتي شعبن ۾ فنانسنگ جي نئين منصوبن جي ڳولا جي دعوت پڻ ڏني.
نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير محمد اسحاق ڊار جي چين جي ايگزم بئنڪ جي چيئرمين ووفلن سان ملاقات
مضمون کا ماخذ : نتیجہ میگا سینا