اسلام آباد – 19 – اپريل (اي پ?? پي) پاڪستان گڏيل ??ومن جي سلامتي ڪائونسل ۾ گذريل رات ٿيندڙ بحث جي نتيجي، اتفاق راءِ تائين نه پهچڻ ۽ فلسطين جي گڏيل ??ومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ميمبرشپ جي سفار?? ڪرڻ ۾ ناڪامي تي سخت مايوسي جو اظهار ڪيو آهي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اسان کي فلسطين کي گڏيل ??ومن جي مڪمل ميمبرشپ ڏيڻ واري قرارداد جي مسودي کي ويٽو ڪرڻ جي آمريڪي ف??صل?? تي افسوس آهي. هن چيو ته اسان سمجهون ٿا ته فلسطين کي گڏيل ??ومن ۾ شامل ڪرڻ جو وقت اچي ويو آهي، اهو 75 سالن کان فسلطيني عوام سان ٿيندڙ تاريخي ناانصافي کي صحيح ڪرڻ طرف هڪ قدم هوندو ۽ اهو انهن جي خودمختياري جي حق جي تصديق ڪندو. ترجمان چيو ته فلسطيني عوام کي 4 جون 1967ع جي سرحدن جي اندر هڪ آزاد ۽ خودمختيار ۽ متصل فسلطيني رياست ۾ رهڻ جو موروثي حق حاصل آهي جنهن جو گادي وارو شهر القدس الشريف هجي.
پاڪستان پاران فلسطين جي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي ۾ ميمبرشپ جي سفارش ڪرڻ ۾ ناڪامي تي سخت مايوسي جو اظهار
مضمون کا ماخذ : خداؤں کی عمر