اسلام آباد – 01 – ??ار?? (اي پي پي) پاڪستان اسرا??يل جي قابض فوج جي هٿان خميس ڏينهن معصوم فلسطينين جي قتل عام جي سخت مذمت ڪئي آهي جيڪي غزه ۾ حياتي بچائيندڙ امداد ۽ خوراڪ جي پهچ جا منتظر هئا. پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پريس بريفنگ ۾ چيو ته اهو قتل عام تهذيب ۽ عالمي انساني ??انون جي خلاف ورزي ۽ اسرا??يل پاران وڏي پئماني تي فاقه ڪشي جي ڄاڻي واڻي ۽ غيرانساني ??اليسي جي واضح بي توقيري کي ظاهر ڪري ٿو. هن چيو ته پاڪستان فوري جنگبندي، غيرانساني گهيراءُ ختم ڪرڻ ۽ غزه جي ماڻهن تائين انساني امداد جي بنا رڪاوٽ پهچ جي مطالبي جو ورجاءُ ڪري ٿو. ترجمان چيو ته اسرا??يل کي انسانيت جي خلاف پنهنجي ڏوهن جي لاءِ پڻ انصاف کي منهن ڏيڻ گهرجي جيڪي فلسطيني عوام جي خلاف ڇوٽ سان ڪيا پيا وڃن.
مضمون کا ماخذ : سامراا سپلٹ