اسلام آباد – 08 – في??روري (اي پي پي) اطلاعات، نشريات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير مرتضيٰ سولنگي 2024ع جي عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته چونڊن ۾ عوام جي وڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ اسان جي جمهوريت جي مضبوطي جو ثبوت آهي، سڄي پاڪستان ??ان عوام وڏي انگ ۾ چونڊ عمل ۾ حصو ورتو ۽ جمهوريت سان ??نهنجي وابستگي، قومي ذميواري ۽ پنهنجي ووٽ جي طاقت تي يقين جو اظهار ڪيو آهي. 2024ع جي عام چونڊن جي ڪامياب انعقاد تي نگران حڪومت پاران ??اليسي بيان ڏيندي اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير چيو ته اڄ قوم اسان جي جمهوري سفر ۾ هڪ ٻي تاريخ لکي آهي، سڄي پاڪستان ??ان عوام وڏي انگ ۾ چونڊ عمل ۾ حصو ورتو ۽ جمهوريت سان ??نهنجي وابستگي، پنهنجي قومي ذميواري ۽ ووٽ جي طاقت تي يقين جو مظاهرو ڪيو. هن چيو ته عوام جي وڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ نه رڳو اسان جي جمهوريت جي مضبوطي جو ثبوت آهي پر اهو اسان جي ملڪي تاريخ ۾ هڪ اهم سنگ ميل جي حيثيت ??کي ٿو. هن چيو ته چونڊن جو پرامن انعقاد سمورين ڌرين جي گڏيل ڪوششن جو نتيجو آهي، آئون انهن سمورن ماڻهن جي تمام گهڻو ٿورائتو آهيان جن ان جمهور?? مشق ۾ هڪ اهم ڪردار ادا ڪيو آهي. هن عالمي ميڊيا، مبصرن، مقامي ميڊيا ۽ فيلڊ ۾ موجود صحافين جا پڻ خصوصي ٿورا مڃيندي چيو ته توهان جي موجودگي ۽ ڪوريج عالمي سطح تي اسان جي چونڊ عمل جي سالميت تي روشني وجهندي شفافيت ۽ اعتبار کي يقيني بڻائڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري ٿي. هن هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، قانون لاڳو ڪندڙ ادارن ۽ سول انتظاميا جا پڻ ٿورا مڃيندي چيو ته هن چونڊ عمل دوران ??حفوظ ۽ سازگار ماحول فراهم ڪرڻ ۾ اڻٿڪ عزم ۽ محنت سان ڪم ڪيو، انهن جي لگن ان ڳالهه کي يقيني بڻايو ته پولنگ جو عمل خيرخُوبي سان ۽ ڪنهن وڏي افسوسناڪ واقعي کانسواءِ سرانجام ڏنو ويو جنهن سان ??ر شهري کي امن ۽ سلامتي سان ??نهنجي ووٽ جو حق استعمال ڪرڻ جو موقعو مليو. اطلاعات ۽ پارلياماني معاملن واري نگران ??فاقي وزير اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان کي مثالي طرز عمل ۽ چونڊ عمل جي انتظام تي خراج تحسين پيش ڪندي چيو ته جمهوري قدرن کي برقرار رکڻ ۽ آزاداڻي، منصفاڻي چونڊن کي يقيني بڻائڻ جي لاءِ اليڪشن ڪميشن آف پاڪستان جي اڻٿڪ ڪوشش ۽ لڳاءُ ساراهه جوڳو آهي. اليڪشن ڪميشن پاران ??يشيواراڻي مهارت ۽ ديانتداري اسان جي چونڊ عمل ۾ عوام جي اعتماد کي سگهه ڏيڻ ۾ اهميت رکندڙ رهي آهي. نگران ??فاقي وزير چيو ته هڪ اهم سنگ ميل حاصل ڪرڻ جي هن لمحي ۾ اچو ان??ن ماڻهن جي لاءِ دعا جي لاءِ هٿ کڻون جيڪي اڄ دهشتگردي جي واقعن جو شڪار ٿيا، الله تعاليٰ مرحومن جي روحن کي ابدي سڪون عطا فرمائي ۽ قوم متحد ٿي انهن جي لازوال قربانين مان ثمر کڻي سگهي. هن چيو ته اچو اسان سڀ پنهنجي جمهوري ادارن جي حمايت ۽ استحڪام جاري رکڻ جو وچن ڪريون. اسان گڏجي مستقبل جي نسلن جي لاءِ هڪ مضبوط، وڌيڪ خوشحال ۽ جمهوري پاڪستان ??اهينداسين.
چونڊن ۾ عوام جي وڏي انگ ۾ ووٽ ڪاسٽ ڪرڻ اسان جي جمهوريت جي مضبوطي جو ثبوت آهي: نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے فوائد