اسلام آباد – 08 – فيبروري (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ 2024ع جون عام چونڊون ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته دعا آهي ته هي چُونڊُون پا??ستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ نگران وزيراعظم چيو ته ڪامياب چونڊون منعقد ٿيڻ تي پوري قوم جا ٿورا مڃان ٿو، آئون اليڪشن ڪميشن آف پا??ستان، نگران صوبائي حڪومتن، هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، پوليس، قانون لاڳو ڪندڙ ??دا??ن، چونڊ عملي، ميڊيا ۽ انهن سمورن ??دا??ن ۽ ماڻهن جي ڪوششن کي ساراهيان ٿو جن آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ ۾ ڪردار ادا ڪيو. نگران وزيراعظم چيو ته هي اهم موقعو نه رڳو اسان جي جمهوري عمل جي استحڪام ۽ مضبوطي پر پا??ستاني عوام جي ناقابل تسخير جذبي جو پڻ ثبوت آهي. هن چيو ته پا??ستان جي عوام جي شرڪت ۽ جوش ان جمهوري عمل جو سنگ بنياد رهيو آهي، ووٽرن جو وڌيڪ ٽرن آئون اسان جي ملڪ جي مستقبل جي لاءِ عوامي عزم جو واضح اشارو آهي. هن چيو ته ووٽ جي ذريعي راءِ جي حق جي اظهار سان اسان جي جمهوريت مضبوط ٿيندي ۽ ان جي لاءِ پا??ستاني عوام تحسين مستحق آهي. نگران وزيراعظم چيو ته خيبرپختونخواهه ۽ بلوچستان ۾ دهشتگردي جي ڪجهه واقعن جي باوجود سڄي ملڪ ۾ آزاداڻيون ۽ منصفاڻيون چونڊون منعقد ڪرڻ جي لاءِ هٿياربند فوج، سول آرمڊ فورسز، ايل اي اي، سويلين ايڊمنسٽريشن ۽ اليڪشن ڪميشن آف پا??ستان جون ڪوششون ساراهه جوڳيون آهن، پنهنجي فرضن سان انهن جي اڻٿڪ وابستگي چونڊون پرامن منعقد ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندي ر??ي آهي. نگران وزيراعظم چيو ته پا??ستاني عوام مشڪلاتن کي منهن ڏيندي غيرمعمولي همٿ ۽ عزم جو مظاهرو ڪيو آهي، دهشتگردي جي تازون واقعن جي باوجود عوام جو جذبو ۽ چونڊ عمل ?? انهن جي شرڪت اسان جي ملڪ کي عدم استحڪام ۾ آڻڻ جي لاءِ سرگرم قوتن جي خلاف هڪ طاقتور بيان آهي. هن چيو ته هي امن، استحڪام ۽ خوشحالي جي لاءِ اسان جي گڏيل خواهش جي عڪاسي ڪري ٿو. نگران وزيراعظم چيو ته هڪ ڀيرو ٻيهر آئون هن تاريخي ڪاميابي تي قوم کي مبارڪباد ڏيان ٿو، دعا آهي ته هي چُونڊُون پا??ستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين.
عام چونڊون ڪامياب منعقد ٿيڻ تي قوم کي مبارڪُون هُجن، دعا آهي ته هي چُونڊُون پاڪستان جي روشن ۽ خوشحال مستقبل جي نويد ثابت ٿين: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کے نتائج