اسلام آباد – 17 – جنوري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو فيصلو برقرار رکندي آئيسڪو کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ??ند?? کي 139860 رپيا واپسي جي هدايت ڪري ڇڏي. آئيسڪو حاجي اختر رحيم کي لاڳت ۾ اضافي جي ڪري غيرمنصفاڻي طور تي بجلي ڪنيڪشن ج?? لاءِ اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو هو. ايوان صدر جي پريس ونگ موجب حاجي اختر رحيم ٽرانسفارمر ۽ بجلي ڪنيڪشن ج?? لاءِ آئيسڪو کي درخواست ڏني هئي، شڪايت ??ند?? کي لاڳاپيل سامان ج?? قيمت سميت 305656 رپين ج?? ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو، شهري رقم جمع ڪرائي، وقت سر ڪنيڪشن لڳائڻ بدران قيمت ۾ اضافي جي ڪري اضافي ڊيمانڊ نوٽيس جاري ڪيو ويو. شهري ڊيمانڊ نوٽيس واپس وٺڻ جي لاءِ آئيسڪو سان رجوع ڪيو پر ريليف نه ڏنو ويو. شهري شڪايت جي ازالي جي لاءِ وفاقي محتسب سان رابطو ڪيو، جنهن شهري جي حق ۾ فيصلو ڏنو. آئيسڪو محتسب جي فيصلي جي خ??اف صدر وٽ ??رخواست داخل ڪئي. ڪيس جي ذاتي ٻڌڻي، رڪارڊ ڏسڻ کانپوءِ صدر آئيسڪو کي رقم واپسي جي هدايت ڪئي. صدر چيو ته آئيسڪو 30 ڏينهن ج?? اندر بجلي ڪنيڪشن نه لڳائي پنهنجي ئي طريقيڪار جي خ??اف ورزي ڪئي، آئيسڪو 30 ڏينهن ۾ ڪنيڪشن لڳائڻ جي پابند آهي، نه هڻڻ ۾ 7 مهينن ج?? دير ٿي، آئيسڪو شڪايت ??ند?? کي اضافي ڊيمانڊ نوٽيس موڪليو، جڏ??ن ته هو اڳ ۾ ئي گهربل رقم ادا ڪري چڪو هو. هن چيو ته آئيسڪو صارفين کي خدمتن ج?? فراهمي جي خ??اف ورزي ڪئي، هڪ ڀيرو ڊيمانڊ نوٽيس جي مڪمل ادائيگي کانپوءِ قيمت ۾ اضافي جي ڪري ڪي به چارجز/ ڊيمانڊ نوٽيس نه ٿو ڏئي سگهجي. وفاقي محتسب جو فيصلو صحيح دليلن تي ٻڌل، قانوني طور تي پائيدار آهي. صدر آئيسڪو جي درخواست کي رد ڪندي وفاقي محتسب جي فيصلي کي برقرار رکيو.
صدر پاران آئيسڪو کي بجلي ڪنيڪشن هڻڻ ۾ دير تي شڪايت ڪندڙ کي رقم واپس ڪرڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز کی جیت