اسلام آباد – 08 – جنوري (اي پي پي) پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ کي واضح لفظن ۾ رد ڪيو آ??ي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان جاري بيان ۾ چيو ته اسان کي ان ڳالهه تي شديد مايوسي ٿي ??هي ته اهو معتصباڻو ۽ من ماني تشخيص تي ٻڌل ??هي ۽ ان جو زميني حقيقت سان ڪو تعلق نه آهي. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستان هڪ تڪثيري ملڪ ??هي جيڪو بين المذاهب هم آهنگي جي ڀرپور روايت رکي ٿو. بيان موجب پاڪستان پنهنجي آئين موجب مذهبي آزادي کي فروغ ڏيڻ ۽ اقليتن جي حقن جي تحفظ جي لاءِ وسيع پئمان?? تي قدم کنيا آهن. پرڏيهي آفيس جي ترجمان بيان ۾ ان ڳالهه تي گهري ڳڻتي جو اظهار ڪيو ته مذهبي آزادي جي وڏي پئمان?? تي ۽ مسلسل خلاف ورزي ڪندڙ ڀارت کي هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪي پرڏيهي کاتي جي نامزد فهرست مان خارج ڪيو ويو آ??ي. اهو عالمي م??هبي آزادي بابت آمريڪي ڪميشن (يو ايس سي آئي آر ايف) جي واضح سفارشن سان گڏوگڏ عالمي انساني حقن جي ڌرين پاران مذهبي اقليتن سان ڀارت جي اڻوڻندڙ سلوڪ بابت اٿاريل عوامي خدشن جي باوجود آهي. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته اسان کي يقين ??هي ته اهڙي طرح جون امتيازي، هڪ طرفي ۽ موضوعي م??قون نقصانڪار آهن ۽ عالمي سطح تي م??هبي آزادي کي اڳتي وڌائڻ جي اسان جي گڏيل مقصد کي نقصان پهچائين ٿيون. بيان موجب پاڪستان ان ڳالهه تي پختو يقين رکي ٿو ته مذهبي عدم برداشت، زينو فوبيا ۽ اسلامو فوبي?? جي موجوده چئلينج جو مقابلو گڏيل افهام تفهيم ۽ احترام جي بنياد تي تعميري م??غوليت ۽ گڏيل ڪوششن جي ذريعي ڪري سگهجي هو، انهي جذبي سان پاڪستان ٻطرفي طور تي آمريڪا سان انگيج آهي. بيان ۾ چيو ويو ??هي ته پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ بابت پاڪستان جي خدشن کان آمريڪا کي آگاهه ڪيو پيو وڃي.
پاڪستان آمريڪي پرڏيهي کاتي پاران پاڪستان کي ”خصوصي ڳڻتي جوڳو ملڪ“ قرار ڏيڻ کي واضح لفظن ۾ رد ڪري ڇڏيو
مضمون کا ماخذ : مردہ یا زندہ II