اسلام آباد – 27 – آڪٽوبر (اي پي پي) چي?? جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني والاريل ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي قبضي جا 76 سال مڪمل ٿيڻ تي ڪشمير جي حوالي سان ڪارو ڏينهن ملهائڻ جي حوالي سان هڪ تقريب جو اهتمام ڪيو. تقريب دوران صدر ڊاڪٽر عارف علوي، نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ ۽ نگران پرڏيهي وزير جليل عباس جيلاني جا خصوصي پيغام پڙهي ٻڌايا ويا. جن ۾ ڪشمير ڪاز جي لاءِ پاڪستان جي مسلسل سياسي، اخلاقي ۽ سفارتي ڳانڍاپي ۽ حمايت کي اجاگر ڪيو ويو. ان موقعي تي چي?? جي ناليواري اسڪالر ۽ ڏکڻ ايشيا جي ماهر ڪيان فينگ به خطاب ڪيو. تقريب کي خطاب ڪندي ڊپٽي هيڊ آف مشن ب??ال محمود چوڌري چي?? ته پاڪستان انهن ڪشميري ڀائرن ۽ ڀينرن سان گڏ آهي جن گذريل 7 ڏهاڪن دوران ڄمون ۽ ڪشمير تي ڀارتي غيرقانوني قبضي تحت تمام گهڻو ظلم برداشت ڪيو آهي. هن ڪشميري عوام جي منصفاڻي مقصد جي لاءِ پاڪستان جي اڻٿڪ حمايت جو ورجاءُ ڪيو ۽ چي?? ته ڀارت ۾ انساني حقن جي سنگين خلاف ورزين کي فوري طور تي بند ڪيو وڃي. ب??ال محمود چوڌري عالمي برادري کان به مطالبو ڪيو ته اها ڄمون ۽ ڪشمير جي پراڻي تڪرار جي پرامن ۽ پائيدار حل جي لاءِ پنهنجو صحيح ڪردار ادا ڪري. سفارتخاني ان موقعي تي هڪ تصويري نمائش جو به اهتمام ڪيو ويو هو جنهن ۾ ڀارت جي غيرقانوني طور تي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير ۾ ڀارتي ڏوهن کي ڏيکاريو ويو. ياد رهي ته 76 سال اڳ 27 آڪٽوبر 1947ع تي ڀارت بنا ڪنهن قانوني جواز جي ڄمون ۽ ڪشمير جي رياست تي زبردستي قبضو ڪيو هو، ان کانپوءِ ڀارت ڪشميري عوام کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن موجب انهن جي خودمختياري واري حق کان مسلسل انڪار ڪري رهيو آهي.
چين جي گادي واري شهر بيجنگ ۾ پاڪستاني سفارتخاني پاران ڪشمير جي حوالي سان ڪاري ڏينهن جي تقريب
مضمون کا ماخذ : ٹکی انماد