اسلام آباد – 14 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جي افغانستان بابت خصوصي نمائندي آصف دراني 11 کان 12 سيپٽمبر تائين ايران جو ٻن ڏينهن جو دورو ڪيو. اها ڳالهه پرڏيهي آفيس جي ترجمان ممتاز زهره بلوچ پر??س بريفنگ ۾ ٻڌائي. سفير آصف دراني پنهنجي ايراني هم منصب خصوصي نمائندي علي قمي سان ڳالهه ٻولهه کانسواءِ ايران جي پرڏيهي وزير امير عبداللهيان سان پڻ ملاقات ڪئي. ترجمان چيو ته اهو دورو افغانستان ۾ امن ۽ استحڪام جي گڏ??ل آئيڊيل کي فروغ ڏيڻ جي لاءِ ٻين پاڙيسري ملڪن سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي عزم جي عڪاسي ڪري ٿو.
مضمون کا ماخذ : apostas dupla sena