گلگت – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪندي چيو آهي ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري پڌرائي موجب نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ کي گلگت بلتستان ۾ ترقياتي منصوبن تي اڳڀرائي ۽ امن امان جي صورتحال جي حوالي سان ب??يفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظ?? کي آءِ ٽي، صحت، تعليم ۽ ٻين شعبن ۾ اڳڀرائي جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان جي سمورن ضلعن خاص طور تي ديامر ۽ استور جي ضلعن ۾ تعليم جي شعبي جي ڪيترن ئي مسئلن جي وقتائتي نشاندهي ۽ موثر حل ڪيا ويا آهن، تعليمي شعبي ۾ کنيل قدمن ۾ شاگردن کي غذائي فراهمي جي پروگرام، تعليمي عمارتن جي نئين سر تعمير ۽ خراب حال عمارتن جي بحالي، استادن جي پيشيواراڻي تربيت، جديد ٽيڪنالاجي تي ٻڌل سمارٽ اسڪولن جي تعمير وغيره سرفهرست آهن. ان کانسواءِ نگران وزيراعظ?? کي بريفنگ ۾ گلگت بلتستان ۾ صحت جي شعبي ۾ کني?? مثبت قدمن ب??بت ٻڌايو ويو. اجلاس ۾ ٻڌايو ويو ته گلگت بلتستان ۾ نفسياتي مرضن جي وڌندڙ رجحان جي خاتمي لاءِ 24 ڪلاڪ فعال رهندڙ هيلپ لائين قائم ڪئي وئي آهي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظ?? کي ماحولياتي ۽ سياحتي شعبن ۾ کني?? مثبت قدمن ب??بت آگاهه ڪيو ويو. ان کانسواءِ نگران وزيراعظ?? کي گلگت بلتستان ۾ ڪڻڪ جي پوکيءَ ۽ ان جي پيداوار تي سبسڊي جي فراهمي، گلگت بلتستان ۾ پن ب??لي جي پيداوار جي حقيقي صلاحيت ۽ موجوده پيداوار ۽ بجيٽ ج?? صورتحال تي پڻ بريف ڪيو ويو. نگران وزيراعظم گلگت بلتستان انتظاميا ۽ سياسي قيادت کي سمورن موجوده ترقياتي منصوبن جي افاديت جو جائزو وٺڻ جي هدايت ڪئي. بريفنگ ۾ نگران وزيراعظ?? کي گلگت بلتستان ۾ قانون ۽ انصاف ۽ امن امان جي موجوده صورتحال جي حوالي سان آگاهه ڪيو ويو. نگران وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن ماڻهن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن جي خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي. نگران وزيراعظم چيو ته پاڪستان جي سمورن شهرين جي حفاظت رياست جي ذميواري آهي. اجلاس ۾ نگران گهرو وزير سرفراز بگٽي، اطلاعات ۽ نشريات وارو نگران وفاقي وزير مرتضيٰ سولنگي، گلگت بلتستان جو گ??رن?? سيد مهدي شاهه، گلگت بلتستان جو وڏو وزير گلبر خان، چيف سيڪريٽري گلگت بلتستان، آءِ جي گلگت بلتستان ۽ لاڳاپيل اعليٰ آفيسر شامل هئا.
نگران وزيراعظم پاران گلگت ۾ مذهب جي نالي تي انتشار پکيڙيندڙ سمورن عنصرن جي وقتائتي نشاندهي ۽ انهن خلاف سخت قدم کڻڻ جي هدايت
مضمون کا ماخذ : como apostar na loteria