اسلام آباد – 06 – سيپٽمبر (اي پي پي) نگرا?? وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ چيو آهي ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن سنڌ جي گورنر ڪامران خان ٽيسوري سان ڳالهائيندي ڪيو جنهن ساڻس ملاقات ڪئي. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر نگرا?? وزيراعظم کي سنڌ صوبي جي انتظامي معاملن ۽ امن امان جي حوالي سان تفصيلي آگاهه ڪيو. ملاقات ۾ سنڌ جي گورنر وزيراعظم کي ڪراچي جي واپارين ۽ ڪراچي چيمبر آف ڪامرس پاران بجلي جي اگهن جي حوالي سان تجويزون پيش ڪيون. نگرا?? وزيراعظم سنڌ جي گورنر جا ٿورا مڃيا ۽ لاڳاپيل ادارن کي انهن تجويزن جي حوالي سان تفصيلي مشاورت جون هدايتون ڪيون. نگرا?? وزيراعظم چيو ته حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي. نگرا?? وزيراعظم لاڳاپيل عملدارن کي هدايت ڪئي ته ڪراچي چيمبر آف ڪامرس جي تجويزن تي مشاورت کانپوءِ جلد رپ??رٽ پيش ڪئي وڃي.
حڪومت ڪراچي جي واپارين کي درپيش سمورن مسئلن جو حل يقيني بڻائيندي: نگران وزيراعظم انوارالحق ڪاڪڙ
مضمون کا ماخذ : اسکریچ کارڈز خریدیں