اسلام آباد -26 جولاءِ (اي پي پي) ڪابينه جي اقتصادي رابطا ڪميٽي گذريل مالي سال دوران رمضان المبارڪ ۾ وزيراعظم پاران مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مفت اٽي جي فراهمي لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي. اقتصادي رابطا ڪميٽي جو اجلاس ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر اسحاق ڊار جي صد??رت هيٺ منعقد ٿيو. اجلا?? ۾ ??نعت ۽ پيداوا واري وفاقي وزير مخدوم سيد مرتضيٰ ??حم??د، وزيراعظم جي معيشت ۽ توانائي بابت رابطاڪار بلال اظهر ڪياني، وفاقي سيڪريٽرين ۽ ٻين سينئر آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلا?? ۾ ??نعت ۽ پيداوار واري وز??رت طرفان گذريل مالي سال دوران وزيراعظم جي مفت اٽو اسڪيم تحت يوٽيليٽي اسٽورز ڪارپوريشن ذريعي مستحق شهرين کي مفت اٽو فراهم ڪرڻ جي حوالي سان سمري پيش ڪئي وئي. اقتصادي رابطا ڪميٽي ان مقصد لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي. ان اسڪيم جي شروعات 18 مارچ 2023ع تي ڪئي وئي ۽ اها اسڪيم 16 اپريل 2023ع تائين جاري رهي.
اقتصادي رابطا ڪميٽي وزيراعظم جي مفت اٽو اسڪيم تحت اٽي جي فراهمي لاءِ 985.43 ملين رپين جي منظوري ڏئي ڇڏي
مضمون کا ماخذ : لاٹری ٹکٹ کی قیمت