اسلام آباد – 08 جون (اي پي پي) قومي اقتصادي سروي 23 -2022ع موجب هلندڙ مالي سا?? جي پهرين 10 مهينن دوران مالياتي خسارو گهٽجي جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو جي سطح تي اچي ويو آهي جيڪو گذريل مالي سا?? جي انهي عرصي دوران 4.9 سيڪڙو رهيو. اقتصادي سروي موجب مالي سا?? جي پهرين 10 مهينن دوران پرائمري بيلنس 99.1 ارب روپيا رهيو جيڪو گذريل مالي سا?? جي انهي عرصي دوران 890.2 ارب روپيا خساري سا?? گڏ رڪارڊ ڪيو وي هو، پرائمري بيلنس ۾ بهتري سبب نان مارڪ اپ خرچن ۾ گهٽتائي ٿي. جولاءِ کان مارچ تائين ڪل محصولن ۾ 18.1 سيڪڙو جو اضافو ٿ??و ۽ اهو وڌي 6938.2 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو جي ڊي پي جو 8.2 سيڪڙو آهي. گذريل مالي سا?? جي انهي عرصي دوران ڪل محصولن جو ڳاڻيٽو 5874.2 ارب رڪارڊ ڪيو ويو هو، اقتصادي سروي موجب ملڪي ۽ عالمي سطح تي ڪيترين ئي معاشي مشڪلاتن جي باوجود ايف بي آر طرفان ٽيڪس روينيو ۾ 16.5 سيڪڙو جو اضافو ٿ??و ۽ اهو وڌي 5617.7 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سا?? جي انهي عرصي دوران 4821.9 روپيا رڪارڊ ٿيو هو. جولاءِ کان مارچ تائين نان ٽيڪس روينيو ۾ 25.5 سيڪڙو جو اضافو ٿ??و ۽ اهو گذريل مالي سا?? جي 1052.2 ارب روپين جي ڀيٽ ۾ 1320.5 ارب روپين تائين پهچي ويو. مالي سا?? جي پهرين 9 مهينن دوران حڪومتي خرچن ۾ 18.7 سيڪڙو جو اضافو ٿ??و ۽ اهو وڌي 10،016.9 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سا?? جي انهي عرصي دوران 8439.8 ارب روپيا هو. جولاءِ کان مارچ تائين جا??ي خرچن ۾ 25.3 سيڪڙو جو اضافو ٿ??و ۽ اهو وڌي 9244.6 ارب روپين تائين پهچي ويو جيڪو گذريل مالي سا?? جي انهي عرصي دوران جا??ي خرچا 7378 ارب روپيا رڪارڊ ڪيا ويا هئا . قرضن تي وياج جي ادائيگي ۾ 69.1 سيڪڙو جي اضافي سا?? حڪومتي جا??ي خرچن ۾ تمام گهڻو اضافو ٿيو. قرضن تي وياج جي ادائيگين ۾ اضافي جو بنيادي سبب ملڪي ۽ عالمي سطح تي وياج جي شرح ۾ اضافو ۽ روپئي جي قدر ۾ گهٽتائي آهي. جولاءِ کان مارچ تائين جي ترقياتي خرچن ۽ مجموعي لينڊنگ 0.9 سيڪڙو اضافي سا?? 1060.4 ارب روپيا رڪارڊ ڪيا ويا. جيڪي گذريل مالي سا?? جي انهي عرصي دوران 1051.1 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو هو. مالي سا?? جي پهرين 9 مهينن دوران پي ايس ڊي پي 1.8 سيڪڙو جي گهٽتائي سا?? گڏ 1014.0 ارب روپيا رڪارڊ ڪيو ويو جيڪو گذريل مالي سا?? جي انهي عرصي دوران 1032.7 ارب روپيا رهيو.
مالياتي خسارو گهٽجي جي ڊي پي جي 4.6 سيڪڙو تائين اچي ويو
مضمون کا ماخذ : فائر جوکر