اسلام آباد- 22 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عيدالفطر جي نماز وفاقي گادي واري شهر اسلام آباد جي فيصل مسجد ۾ ادا ڪئي. ان موقعي تي اسلام آباد ۾ ڪيترن ئي اسلامي ملڪن جي سفيرن، سياسي اڳواڻن، اعليٰ سرڪاري عملدارن ۽ اڳواڻن سميت هزارين ماڻهن پڻ صدر ??مل??ت سان گڏ فيصل مسجد ۾ عيد نماز ادا ڪئي. صدر ??مل??ت عيد نماز جي ادائيگي کانپوءِ ماڻهن سان رلي ملي ويو. سڄي ملڪ ۾ عيدالفطر مذهبي عقيدت ۽ احت??ام ۽ روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهائي پئي وڃي. ان موقعي تي اسلام آباد جي فيصل مسجد، ملڪ جي ٻين مسجدن ۽ عيدگاهن ۾ ٿيل عيد نماز جي اجتماعن ۾ ملڪ جي سلامتي، ترقي، خوشحالي ۽ ڀارت جي غير قانوني طور تي قبضي هيٺ ڄم??ن ڪشمير ۽ ف??سط??ن جي آزادي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون.
مضمون کا ماخذ : پاور بال انعامات