اسلام آباد – 20 – فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ??حت جي سارسنڀال جي خدمتن کي به??ر بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت تي زور ڏيندي چيو آهي ته پاڪستان جي عوام جي ??حت ۽ ڀلائي کي به??ر بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ گهرجي. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب اهڙن خيالن جو اظهار هن پاڪستان ۽ افغانستان سيمنز هيلٿائزز جي چيف ايگزيڪيوٽو آفيسر خرم جميل سان ملاقات دوران ڪيو جنهن ايوان صدر ۾ ساڻس ملاقات ڪئي. صدر چيو ته طبي ٽيڪنالاجي ۾ اڳڀرائي ملڪ جي ??حت جي ن??ام کي تبديل ڪرڻ ۾ مدد ڪري سگهي ٿي. هن چيو ته هيلٿ پروفيشنلز ملڪ جي مستقبل جي ??حت جي ضرورتن کي پورو ڪرڻ ۽ ??حت جي شعبي ۾ چئلينجز جو مقابلو ڪرڻ جي لاءِ جدت اختيار ڪن. صدر ??حت جي شعبي ۾ سرڪاري، نجي ادارن ۽ اين جي اوز جي وچ ۾ حصيداري قائم ڪرڻ جي ضرورت تي زور ڏنو ۽ چيو ته خصوصي ماڻهن جي بهتري، ڇاتيءَ جي ڪينسر بابت شعور اجاگر ڪرڻ جي ضرورت آهي. هن پاڪستان جي ??حت جي شعبي جي ترقي جي لاءِ سيمز هيلٿائزز جي ڪوششن کي ساراهيو. سي سي او خرم جميل صدر کي سيمنز هيلٿائزز جي پاڪستان ۾ ??حت جي شعبي ۾ خدمتن بابت بريفنگ ڏني.
پاڪستان جي عوام جي صحت ۽ ڀلائي کي بهتر بڻائڻ جي لاءِ ڊيجيٽل ٽيڪنالاجيز کي اختيار ڪرڻ گهرجي: صدر ڊاڪٽر عارف علوي
مضمون کا ماخذ : لاٹری کی موبائل ایپ