اسلام آباد – 20 – ڊسمبر (اي پي پي) توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪي?? گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو بنيادي ڍانچو ۽ تعميراتي ڪم مڪ??ل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف هدايت ڪئي آهي ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شم??ي توانائي تي منتقل ڪرڻ جو منصوبو جلد پيش ڪي?? وڃي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي جو اهم اجلاس وزيراعطم محمد شهباز شريف جي صدارت ۾ ٿيو. اجلاس ۾ ناڻي واري وفاقي وزير، منصوبابندي ۽ ترقي واري وفاقي وزير، توانائي واري وفاقي وزير، پارلياماني معاملن واري وفاقي وزير، وزيراعظم جي صلاحڪار احمد ??يما، پيٽروليم واري مملڪتي وزير، ناڻي واري مملڪتي وزير، وزيراعظم جي ناڻي واري خاص معاون ۽ اعليٰ سرڪاري آفيسرن شرڪت ڪئي. اجلاس ۾ وزيراعظم چيو ته اسلام آباد ۾ سرڪاري عمارتن کي شم??ي توانائي تي منتقل ڪرڻ جي لاءِ پلان جلد کان جلد پيش ڪي?? وڃي. وزيراعظم کي سڄي ملڪ ۾ گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي حوالي سان پڻ بريفنگ ڏني وئي. توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪي?? گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جي انفراسٽرڪچر/ تعميراتي ڪم مڪ??ل ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
توانائي بابت ڪابينا ڪميٽي پاران 2013ع کان 2018ع دوران شروع ڪيل گئس ڊيولپمينٽ اسڪيمن جو بنيادي ڍانچو ۽ تعميراتي ڪم مڪمل ڪرڻ جي منظوري
مضمون کا ماخذ : لوٹیریا کے اعدادوشمار